سينيٽ جي نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 04 دسمبر 2018ء) سينيٽ جي نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو آهي ته نجڪاري فهرست ۾ شامل 8 ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ ايس ايم اي بئنڪ، فرسٽ وويمن بئنڪ، حويلي بهادر پاور پلانٽ، ماري پيٽروليم، لاکڙا ڪول مائينز، سروسز انٽرنيشنل هوٽل لاهور ۽ جناح ڪنوينشن اسلام آباد شامل آهن، ٻي مرحلي ۾ 41 ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي، سينيٽ جي نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڱاري ڏينهن ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر مير محمد يوسف باديني جي صدارت ۾ پارليامينٽ لاجز جي ڪانفرنس هال ۾ منعقد ٿيو، ڪميٽي جي اجلاس ۾ 3 آڪٽوبر 2018ع تي ٿيندڙ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڏنل سفارشن تي عملدرآمد کانسواءِ سرڪاري ادارن جي نجڪاري لاءِ پنج سالا منصوبو، نجڪاري فهرست ۾ شامل ڪيل ۽ ڪڍيل ادارن کانسواءِ ڪي اليڪٽرڪ جي ڪيل نجڪاري جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، نجڪاري ڪميشن جي سيڪريٽري رضوان ملڪ ڪميٽي کي ٻڌايو ته نجڪاري واري وزارت آرڊيننس جي رولز ۽ ريگوليشن تحت ڪم ڪري رهي آهي، گذريل حڪومت جي نجڪاري فهرست ۾ 61 ادارا شامل هئا، موجوده حڪومت اسان کي نجڪاري لاءِ نئون پروگرام تيار ڪرڻ جو چيو لاڳاپيل ادارن کان تفصيلي مشاورت کانپوءِ نجڪاري لاءِ هڪ پلان جوڙيو آهي، نجڪاري لاءِ ڪجهه مرحلا هوندا آهن جنهن جو پورو هجڻ انتهائي ضروري آهي، ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي جي اثاثن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ ڪا اسٽيڊي ناهي ڪرائي وئي ۽ ان اداري سميت ٻين 14 ادارن کي نجڪاري جي فهرست مان ڪڍيو ويو آهي، نجڪاري فهرست ۾ 8 ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ ايس ايم اي بئنڪ، فرسٽ وويمن بئنڪ، حويلي بهادر پاور پلانٽ، ماري پيٽروليم، لاکڙا ڪور مائينز، سروسز انٽرنيشنل هوٽل لاهور ۽ جناح ڪنوينشن اسلام آباد شامل آهن جڏهن ته پي آءِ اي، پاڪستان اسٽيل ملز، نيشنل بڪ پاڪستان، پاڪستان اسٽيٽ آئل ڪمپني، ايس اين جي پي ايل، ايس ايس جي سي، سول ايوي ايشن اٿارٽي، اين ايڇ اي، پاڪستان ريلويز، اين ايل سي، ٽريڊنگ ڪارپوريشن پاڪستان، پرنٽنگ ڪارپوريشن پاڪستان، يوٽيلٽي اسٽورز،انڊسٽريل ڊولپمينٽ بئنڪ وغيره ادارن جي نجڪاري نه ڪئي ويندي، اسٽيڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو آهي ته فيز II ۾ 41 ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي جن ۾ بجلي پيدا ڪندڙ ۽ ورڇ ڪندڙ 14 ڪمپنين سميت صنعتي شعبي جون 14 ڪمپنيون، نيشنل انشورنس ڪمپني، ايڇ بي ايف سي ۽ پاڪستان منرل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن شامل آهن، اسٽيڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو آهي ته آڊٽ جي ذريعي ادارن جي سرڪاري قيمت مقرر ٿيندي، پي آءِ اي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا ۽ ادارن جي نجڪاري نفع ڪمائڻ جي بنياد تي ڪئي ويندي، اسٽيڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته جن ادارن کي قانوني مسئلا درپيش آهن انهن کي وڪرو نه ڪيو ويندو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ، روبينه خالد، عابده محمد عظيم کانسواءِ نجڪاري وارو وفاقي وزير ميان محمد سومرو، نجڪاري ڪميشن جو سيڪريٽري رضوان ملڪ، ڊي جي پلاننگ ڪميشن ثمرين ظاهره، ڊي جي پلاننگ ڪميشن محمد شميم خان ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اي پي پي/ش – چ/ر – م 21:05