عورتن کي وارثتي حق ڏيڻ کانسواءِ خودمختيار نٿو بڻائي سگهجي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

عورتن کي وارثتي حق ڏيڻ کانسواءِ خودمختيار نٿو بڻائي سگهجي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 04 دسمبر 2018ء) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن جي معاشي خودمختياري ۽ کين ان جي جائز وارثتي حق ڏيڻ کانسواءِ عورتن کي خودمختيار نٿو بڻائي سگهجي، هن اها ڳالهه عورتن جي وقار جي باري ۾ خيبرپختونخوا ڪميشن جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن پنهنجي چيئرپرسن محترمه نيلم طورو جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته اسلامي تعليم موجب عورتن کي انهن جا جائز حق ڏئي اسان انهن کي اقتصادي طور تي خودمختيار بڻائي سگهون ٿا ۽ هي انهن کي بااختيار بڻائڻ جي طرف هڪ اهم قدم هوندو، وفد ڪميشن جي مينڊيٽ، سرگرمين ۽ آئنده جي منصوبن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني، وفد صدر کي ريسرچ ايڊووڪيسي، تربيت بابت سرگرمين، ساڙڻ جي واقعن جي روڪٿام ۽ بحالي، ننڍي عمر جي شادي ۽ عورتن خلاف تشدد جي روڪٿام جي حوالي سان مختلف قانونن جي باري ۾ به ٻڌايو، وفد صدر کي ڪميشن کي درپيش مسئلن کان به آگاهه ڪيو، صدر چيو ته پارليامينٽ جون عورت ميمبر ڪميشن کي درپيش مسئلن جي حل ۽ قانونسازي جي عمل کان اڳتي وڌڻ ۾ اهم ڪردار جي حامل آهن، هن ڪميشن کي مذهبي رهنمائن ۽ ميڊيا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي تجويز ڏني، صدر ڪميشن تي زور ڏنو ته هو سوشل ميڊيا ۽ پنهنجي ضلعي ڪميٽين کي استعمال ۾ آڻيندي پنهنجي دائري ڪار ۾ اضافو ڪري۔