سوشل ميڊيا جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ نظام جي ضرورت آهي: وزيراعظم عمران خان

سوشل ميڊيا جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ نظام جي ضرورت آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 04 دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان جعلي خبرن، تشدد ۽ نفرت انگيز مواد کي پکيڙڻ ۾ سوشل ميڊيا جي غلط استعمال جي موثر روڪٿام لاءِ مضبوط نظام جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه فيس بڪ سنگاپور جي پبلڪ پاليسي جي نائب صدر سائمن ميلز سان ڳالهائيندي چئي جنهن اڱاري ڏينهن وزيراعظم افيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم جي خصوصي معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري، افتخار دراني ۽ سينئر عملدار به ان موقعي تي موجود هئا، وزيراعظم چيو ته فيس بڪ جا صارفين وڏي تعداد ۾ آهن ۽ هي ادارو اسان جي معاشري ۽ سماجي قدرن کي خطرو لاڳو ڪندڙ منفي ڪوششن جي روڪٿام ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، سائمن ميلز وزيراعظم کي آن لائين ڪميونٽيز جي جوڙجڪ، ڏورانهين علائقن جي ڪميونٽي تائين رسائي، صحت جي خدمتن جي فراهمي ۾ سهولت، ڊيزاسٽر مينيجمينٽ جي حوالي سان ڪميونٽي جون ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ ۽ سوشل ميڊيا جي غلط استعمال جي حوالي سان فيس بڪ جي طرفان کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو، وزيراعظم سڄي دنيا ۾ ڪميونٽيز ۽ عوام جي وچ ۾ سماجي رابطن جي فروغ جي حوالي سان آن لائين ڪميونٽيز جي جوڙجڪ لاءِ فيس بڪ جي عالمي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، هن اهم معاملن تي عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان فيس بڪ ۽ سوشل ميڊيا جي ڪردار کي به ساراهيو، وزيراعظم چيو ته سماجي خدمتن خاص طور تي ڪميونٽي هيلٿ سروسز جي فروغ ۽ ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ صحت بابت شعور بيدار ڪرڻ جي مهمن جي ميدان ۾ پاڪستان جي اندر آن لائين ڪميونٽيز جي جوڙجڪ لاءِ فيس بڪ تمام گهڻي صلاحيت رکندڙ آهي.