وزيراعظم پاران شيخ رشيد ناله لئي ايڪسپريس وي جو فوڪل پرسن مقرر

وزيراعظم پاران شيخ رشيد ناله لئي ايڪسپريس وي جو فوڪل پرسن مقرر

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 04 دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد کي راولپنڊي ۾ ناله لئي ايڪسپريس وي اينڊ فلڊ چينل پراجيڪٽ جو فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم آفيس طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب ريلوي واري وفاقي وزير جي نگراني ۾ منصوبي جي فزيبلٽي تيار ڪئي ويندي ۽ قابل عمل هجڻ جي صورت ۾ منصوبابندي ترقي ۽ سڌارن واري وزارت ۽ پنجاب حڪومت سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان ان تي اڳڀرائي ڪئي ويندي، ياد رهي ته ناله لئي ايڪسپريس وي منصوبو 2007ع ۾ شروع ڪيو ويو هو جنهن تي اڳڀرائي نئين آيل حڪومت روڪي ڇڏي هئي، ان منصوبي جي شروعاتي لاڳت 18 ارب روپيا هئي جنهن تحت ناله لئي جي ٻنهي پاسن کان سگنل فري روڊ تعمير ڪيا ويندا، ان سان راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ ٽريفڪ جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ناله لئي سبب راولپنڊي ۾ ايندڙ ٻوڏ جي روڪٿام ٿي سگهندي.