حڪومت سيڙپڪارن کي سهولت ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم عمران خان

حڪومت سيڙپڪارن کي سهولت ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 04 دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته حڪومت شفافيت تي يقين رکي ٿي ۽ سيڙپڪارن کي سهولت ڏيڻ سان گڏوگڏ کين ملڪ جي فروغ وٺندڙ معيشت ۾ موجود وسيع موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ سازگار فضا قائم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه ٽيلي نار گروپ جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر سگوي بريڪي سان ڳالهائيندي چئي جنهن اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سگوي بريڪي وزيراعظم کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ٽيلي نار جي تجربي کان آگاهه ڪندي کيس نهايت اطمينان بخش قرار ڏنو، هن ٽيلي ڪام شعبي جي لاءِ مسلسل تعاون ۽ سڌي سنئين غير ملڪي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي تي پاڪستان جي حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو، هن چيو ته ٽيلي نار گروپ 2005ع کان پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هن ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي نمايان مثبت اثر وڌا آهن، گروپ 3.5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ۽ 5 هزار سڌو سنئون ملازمتون فراهم ڪرڻ کانسواءِ اڻ سڌي طرح لکين جي تعداد ۾ روزگار پيدا ڪيا، سگوي بريڪي وزيراعظم کي ٻڌايو ته ٽيلي نار جي آئنده منصوبن ۾ مالياتي خدمتن ۾ اضافو ڪرڻ، آبادگارن کي ڊجيٽل دنيا سان ڳنڍڻ ۽ پنهنجي خدمتن کي هيلٿ ڪيئر ۽ ڊجيٽل ڪاروبار ۾ سگهه ڏيڻ شامل آهي، هن چيو ته انهن قدمن جي ذريعي ٽيلي نار گروپ پنهنجا هتي گذريل 13 سالن جي تجربي کي استعمال ۾ آڻيندي پاڪستان جي عوام جي پهرين کان بهتر خدمت ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، هن وزيراعظم کي ”اينٽ فنانشيل“ سان اعلان ڪيل تازي حصيداري جي نتيجي ۾140 ملين ڊالر جي آئنده جي سيڙپڪاري کان به آگاهه ڪيو، وزيراعظم ٽيلي ڪام جي شعبي ۾ ٽيلي نار جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته حڪومت ۾ علم تي ٻڌل معيشت کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿي ۽ ٽيلي نار کي ايڪو سسٽم جي فروغ ۾ اهم حصيدار تصور ڪري ٿي جيڪو حڪومت جي ترقياتي ايجنڊا ۾ مددگار آهي.