قومي اسيمبلي پاران ڀارتي پرڏيهي وزير جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير کي ڀارت جو اڻٽٽ حصو قرار ڏيڻ خلاف قرارداد منظور

قومي اسيمبلي پاران ڀارتي پرڏيهي وزير جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير کي ڀارت جو اڻٽٽ حصو قرار ڏيڻ خلاف قرارداد منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 27ستمبر 2016ء) قومي اسيمبلي ڀارتي پرڏيهي وزير جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير کي ڀارت جو اڻٽٽ حصو قرار ڏيڻ جي خلاف قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي ۽ ان بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته امن ۽ ترقي سٺي پاڙيسري لاڳاپن تي ڀاڙين ٿا ۽ اڳيان وڌڻ جو واحد رستو ڳالهيون آهن، بلوچستان پاڪستان جو حصو جڏهن ته ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي، ڀارت پاران جنگي جنون ۽ هڪطرفي طور سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جون ڌمڪيون خطي جي امن ۽ استحڪام جي مفاد ۾ نه آهن. ڪالهه اڱاري ڏينهن متفقه قرارداد نويد قمر زولز معطل ڪرڻ کانپوءِ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان ڀارت جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير کي ڀارت جو اڻٽٽ حصو قرار ڏيڻ جي بيان کي رد ڪري ٿو. ڪشمير هن وقت به گڏيل قومن جي قرارداد ۾ تڪراري علائقو آهي، هي ايوان ڀارت پاران بلوچستان بابت سازش جي مذمت ڪري ٿو. بلوچستان پاڪستان جو حصو آهي جڏهن ته ڪشمير جنهن کي هو پنهنجو اڻٽٽ حصو قرار ڏئي رهيو آهي اهو هڪ تڪراري علائقو آهي ۽ انهن ٻنهي جي ڀيٽ صحيح نه آهي ۽ ڀارت اهو مڃي رهيو آهي ته هو بلوچستان ۾ فنڊنگ ۽ مدد ڪري رهيو آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته مودي حڪومت جي ڌمڪين جي هڪ تاريخ آهي ۽ هوُ سمجهي ٿو ته پاڪستان معصوم ڪشميرين جي حمايت رد ڪري ڇڏيندو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته اسان يقين رکون ٿا ته امن ۽ ترقي جو دارومدار سٺي پاڙيسري لاڳاپن تي آهي ۽ اڳيان وڌڻ جو واحد رستو تعميري ڳالهيون آهن نه ڪو ڀارتي وزيراعظم پاران ڏنل ڌمڪيون آهن. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت پنهنجي پاليسين سان پاڪستان ۾ دهشتگردن جي مدد ۽ انهن جي فنڊنگ جو اعتراف ڪري رهيو آهي. ڀارت پاران جنگي جنون ۽ ڀارتي وزيراعظم پاران هڪطرفي طور سنڌ طاس معاهدي جون ڌمڪيون خطي جي امن ۽ استحڪام جي مفاد ۾ نه آهن. اسپيڪر قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن کي متفقه طور تي منظور ڪيو ويو. ان کان اڳ زاهد حامد چيو ته حڪومت پاڻ ان قرارداد جي تياري ۾ شريڪ آهي، اها متفقه قرارداد آهي ۽ ان کي نويد قمر پيش ڪندو، ان جو اعتراف ڪرڻ گهرجي. نويد قمر چيو ته حڪومت ان قرارداد جو اهم حصو آهي.