سينيٽ جي گهرن ۽ تعمير بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي گهرن ۽ تعمير بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 21 مئی 2018ء) سينيٽ جي گهرن ۽ تعمير بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر مير ڪبير احمد محمد شاهي جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن جي معاملن، فنڪشنز، بجيٽ، ڪم جي طريقيڪار ۽ انهن جي ڪارڪردگي جي معاملن جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو، ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته هي اسٽينڊنگ ڪميٽي انتهائي اهميت رکندڙ آهي جنهن جا معاملا پوري ملڪ ۾ هلندا آهن ۽ ان وزارت جون ملڪيتون پوري ملڪ ۾ به آهن، هن چيو ته سمورن ڪميٽي ميمبرن سان گڏجي ملڪ جي مفاد ۽ خوشحالي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، اداري جي ڪارڪردگي کي موثر بنائڻ جي حوالي سان به قدم کنيا ويندا ۽ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي جنهن تحت ملڪ ۽ اداري جا وڌ کان وڌ مسئلا حل ٿي سگهن، ڪميٽي جي چيئرمين واضح هدايت ڏني آهي ته رولز موجب سمورن ڪميٽي ميمبرن کي روڪنگ پيپرز ڪميٽي جي اجلاس کان 48 ڪلاڪ پهرين فراهم ڪيا وڃن، جوائنٽ سيڪريٽري ڪميٽي کي وزارت جي ڪم جي طريقيڪار، ڪارڪردگي، بجيٽ، ۽ انتظامي معاملن تي تفصيل کان آگاهه ڪيو، اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته چار مختلف هيڊز ۾ بجيٽ فراهم ڪيو ويندو آهي، هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزرت کي مالي سال 18 -2017ع ۾ 147 ملين روپيا فراهم ڪيا ويا جنهن مان 126 ملين روپيا ملازمن جي لاڳاپيل خرچن ۾ خرچ ٿيا، پي ڊبليو ڊي جي لاءِ 3555 ملين روپيا فراهم ڪيا ويا، ملازمن جا خرچ 1295 ملين روپيا، گهرن ۽ آفيس جي مرمت تي 1754 ملين روپيا خرچ آيا، اسٽيٽ آفيس جي لاءِ 143 ملين روپيا مختص ڪيا ويا جنهن مان 124 ملين روپيا ملازمن جي خرچن جي مد ۾ خرچ ڪيا ويا، فيڊرل لاجز لاءِ 92 ملين روپيا مختص ڪيا ويا جنهن مان 88 ملين ملازمن جي خرچن ۾ خرچ ڪيا ويا، اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته وزارت جي منظور ٿيل پوسٽن جو تعداد 181 آهي جنهن مان 29 خالي آهن، جنهن تي اسٽينڊنگ ڪميٽي وزارت کي جلد کان جلد خالي پوسٽن کي ڀرڻ جي هدايت ڪئي، اسٽينڊنگ ڪميٽي کي فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ فائونڊيشن جي ڪم، ڪارڪردگي ۽ مختلف شروع ڪيل هائوسنگ اسڪيمن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو، ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ فائونڊيشن هڪ ڪمپني آهي جيڪا وزارت سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي، هي حڪومت کان ڪا ڊونيشن ناهي وٺندي، 1984ع کان2014ع تائين 25 هزار گهر ٺاهي سرڪاري ملازمن کي رهائشگاهه فراهم ڪئي وئي، 2009ع کان 2014ع تائين 36 هزار ملازمن ميمبرشپ حاصل ڪئي، 2005ع کان پوءِ فائونڊيشن پلاٽ وٺي پاڻ تعمير ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي، ميمبرشپ ۾ نمايان اضافو ٿي رهيو آهي، 16 -2014ع تائين ماڻهن 90 هزار ميمبرشپ ورتي آهي، فائونڊيشن جو مقصد بنا ڇت وارن وفاقي ملازمن ۽ ٻين مخصوص گروپن کي ”نه فائدو نه نقصان“ جي بنياد تي ڇت فراهم ڪرڻ آهي، اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بهاره ڪهو هائوسنگ اسڪيم، گرين انڪليو _ ٽو هائوسنگ اسڪيم، سيڪٽر آءِ 15 -14 هائوسنگ اسڪيم، ٿليان هائوسنگ اسڪيم، پارڪ روڊ هائوسنگ اسڪيم ۽ ڪراچي جي هائوسنگ فائونڊيشن جي پراجيڪٽس جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو، ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته فائونڊيشن کي جيستائين اٿارٽي نٿو بڻايو وڃي سرڪاري ملازمن جي رهائش جا مسئلا التوا جو شڪار ٿيندا رهندا، هڪ پراجيڪٽ جي منظوري جي لاءِ ڪيترو ئي وقت ضايع ٿي ويندو آهي، سينيٽر خانزاده خان ۽ بهرامند خان تنگي چيو ته گريڊ 16 ۽ مٿين جي ڪيتران ئي آفيسرن کي ننڍي گريڊ جا گهر الاٽ ٿيندا آهن پر انهن کان الائونسز وڏي گريڊ جي گهر جهڙو ڪٽيو پيو وڃي، جنهن تي ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته ڪميٽي جي سڀاڻي واري اجلاس ۾ اسٽيٽ آفيس کان ان باري ۾ تفصيل ورتا ويندا، هائوس اينڊ ورڪس واري وزارت جي سيڪريٽري چيو ته 1995ع کان وڌيڪ گهر ٺاهڻ تي پابندي لاڳو آهي، 17 هزار گهر ملازمن کي الاٽ ٿي چڪا آهن جڏهن ته 21 هزار ملازم ويٽنگ لسٽ تي آهن، سينارٽي جي بنياد تي گهر الاٽ ڪيا ويندا آهن، اسٽينڊنگ ڪميٽي فيصلو ڪيو ته وزارت جي تحت باقي ادارن بابت بريفنگ ڪميٽي جي سڀاڻي واري اجلاس ۾ ورتي ويندي، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر نجمه حميد، سردار محمد يعقوب خان ناصر، مرزا محمد آفريدي، بهرامند خان، مولانا عبدالغفور حيدري، انور لعل دين، خانزاده خان، برگيڊيئر (ر) جان ڪينٿ وليمز، سجاد حسين طوري، نصيب الله بازئي ۽ سردار محمد شفيق ترين کانسواءِ هائوسنگ اينڊ ورڪس واري سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.