ملڪ ۾ پاڻي ذخيري لاءِ 26 منصوبا تيار ڪيا پيا وڃن: قومي اسيمبلي کي آگاهي

ملڪ ۾ پاڻي ذخيري لاءِ 26 منصوبا تيار ڪيا پيا وڃن: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 21 مئی 2018ء) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ واپڊا ۽ صوبائي آبپاشي کاتي طرفان دريائن، چشمن ۽ نالن جي پاڻي کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ 26 منصوبا تيار ڪيا پيا وڃن، ديامرڀاشا ڊيم جي تعمير لاءِ ڪل گهربل 37419 ايڪڙ زمين مان هيستائين 31695 ايڪڙ زمين حاصل ڪئي وئي آهي، منصوبو 26 -2025ع ۾ مڪمل ٿيندو، سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي آبي وسيلن واري وزير سيد جاويد علي شاهه طرفان صاحبزاده محمد يعقوب جي سوال جي لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت 26 منصوبا تيار ڪيا پيا وڃن، اتر وزيرستان ۾ ڪرم تنگي ڊيم پراجيڪيٽ جو پهريون مرحلو اپريل 2019ع ۾ مڪمل ٿي ويندو، ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي 22 اپريل 2016ع تي ان منصوبي جي پي سي ون جي منظوري ڏني هئي ۽ هيستائين ان منصوبي تي 19.12 سيڪڙو عملي اڳڀرائي ڪئي وئي آهي، سنڌ جي علائقي دادو ۾ نئين گاج ڊيم جي تعمير ايندڙ سال ڊسمبر ۾ مڪمل ٿيندي، ان منصوبي تحت 0.160 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش هوندي، منصوبي تي 50.95 سيڪڙو عملي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، چلاس جي ويجهو سنڌو درياءُ تي ديامرڀاشا ڊيم جي تعمير تي اڳڀرائي جاري آهي، ان منصوبي تحت 6.40 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش هوندي، طور ويلي ۾ پراجيڪٽ ڪالوني، هرپن داس جي مقام تي ماڊل وليج ۽ دريا ڪناري تي رابطا رستن جي تعمير تي اڳڀرائي جاري آهي. چڪوال ۽ راولپنڊي تربيتوار ٻن ڊيمن جي تعمير تي اڳڀرائي ٿي رهي آهي، ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي 7 فيبروري 2018ع تي راولپنڊي ۾ پاپن ڊيم راوت ٽائون جي تعمير جي منظوري ڏني هئي، ان منصوبي تحت 0.032 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش هوندي.