قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ملتوي

قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ملتوي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 21 مئی 2018ء) قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪورم پورو نه هجڻ سبب ملتوي ڪيو ويو، قومي اسيمبلي ميمبر ۽ ڪميٽي جي چيئرپرسن منزه حسن پوليس کاتي ۽ ٻين ادارن جي موجود اهلڪارن کان معذرت ڪندي چيو ته ڪورم پورو نه هجڻ سبب اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اڄ جو اجلاس انتهائي اهم مسئلي ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ حڪومتي قدمن بابت هو، ان موقعي تي انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ اي ڊي خواجه، اسسٽنٽ انسپيڪٽر جنرل پوليس خيبرپختونخوا امتياز علي خان ۽ بلوچستان صوبي جي پوليس کاتي جا اعليٰ عملدار به موجود هئا.