اليڪشن ڪميشن عام چونڊون جي تاريخ مقرر بابت سمري صدر ڏانهن موڪلي ڇڏي

اليڪشن ڪميشن عام چونڊون جي تاريخ مقرر بابت سمري صدر ڏانهن موڪلي ڇڏي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 21 مئی 2018ء) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊون 2018ع جي تاريخ مقرر ڪرڻ جي حوالي سان سمري صدر ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي، اليڪشن ڪميشن عام چونڊون منعقد ڪرائڻ جي حوالي سان صدر کي ٽي تاريخون تجويز ڪيون آهن، اليڪشن ڪميشن طرفان سومر ڏينهن جاري بيان موجب سمري تحت صدر کي درخواست ڪئي وئي آهي ته هو اليڪشنز ايڪٽ 2017ع جي شق 57 (1) تحت عام چونڊن جي لاءِ 25 کان 27 جولاءِ 2018ع جي وچ ۾ ڪا به تاريخ مقرر ڪري.