سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين پاران ٽيڪساس ۾ فائرنگ ۾ ٿيندڙ فوتگين تي افسوس جو اظهار

سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين پاران ٽيڪساس ۾ فائرنگ ۾ ٿيندڙ فوتگين تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 19 مئی 2018ء) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ فائرنگ ۾ ٿيندڙ فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن هتي جاري بيان موجب واقعي ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستاني شاگردياڻي سبيڪا شيخ جي والدين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته کيس دلي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي، هن چيو ته هو ڏک جي ان گهڙي ۾ سبيڪا جي والدين سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، هن چيو ته آمريڪا ۾ فائرنگ جا وڌندڙ واقعا افسوسناڪ آهن.