پاڪستان فلسطينين سان گڏ بيٺل آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

پاڪستان فلسطينين سان گڏ بيٺل آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

استنبول (پاکستان پوائنٹ نیوز 19 مئی 2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اسرائيلي فوج جي ڏاڍ جو نشانو بڻجندڙ فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان فلسطينين سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان اسرائيلي فورسز جي طرفان جاري قتل عام ۽ بي گناهه فسلطينين کي نشانو بڻائڻ جي واقعن جي شديد مذمت ڪري ٿو ۽ او آءِ سي سان گڏ بيٺل آهي. ڇنڇر ڏينهن اسلامي تعاون تنظين جي ستين غير معمولي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان هن وقت تاريخ جي نازڪ موڙ تي بيٺل آهيون، اسان کي پنهنجي اخلافن کي هڪ پاسي رکي فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ۽ حمايت ڪرڻ گهرجي ڇو ته هي چونڊ نه ضرورت جو سوال آهي ان کان وڌي ڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو آهي ته عالمي قانون بنا فرق جي لاڳو ٿئي، وزيراعظم او آءِ سي ملڪن تي زور ڏنو ته اسان کي موثر جوابي پائيدار حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي، هن چيو ته ٻي طرف اسان پنهنجي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ يڪجهتي ۽ اتحاد جو ورجاءُ ۽ وچن تمام گهڻو ضروري آهي، اسان کي پنهنجا سياسي اختلافن کي هڪ پاسي رکڻو پوندو، ان سان به وڌي ڪري اهم هي آهي ته مختلف گهڻ رخي شعبن ۾ پهرين کان جوڙيل او آ3 سي جي حڪمت عملين کي نيڪ نيتي سان لاڳو ڪرڻو پوندو، هن چيو ته اهڙن قدمن جي ذريعي ئي پرڏيهي دٻاءُ جو مقابلو ۽ پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري سگهون ٿا ۽ پنهنجي قسمت جا فيصلا پاڻ کي ڪرڻا پوندا، وزيراعظم تجويز ڏني ته سفارتي محاذ تي پنهنجي جدوجهد جاري رکڻي پوندي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پنهنجي قراردادن تي عمل ڪرائڻ جي پنهنجي ذميداري کي پورو ڪري، او آءِ سي کي پنهنجي فيصلن تي عملدرآمد پورو نه ڪرڻ تي احتساب جو به مطالبو ڪيو، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته او آءِ سي ميمبرن کي به سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪائونسل پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي ذميداري پوري نه ڪري ته ڪائونسل جي ساک تي به سوال اٿندا آهن، وزيراعظم چيو ته اسان کي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ۾ ٻٽي معيار کي به رد ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته جيڪڏهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ذميداريون ادا ڪرڻ جي قابل يا خواهشمند نه هجي ته ان کي گهرجي ته هوُ فيصلن کي رد يا نظرثاني ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ رٿ آڻي ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزين جي احتسابيت کي يقيني بڻائي، هن قابض فورسز جي روين کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي اقتصادي ۽ ٻين مناسب ڪاررواين بابت فيصلن تي عملدرآمد جي ضرورت تي به زور ڏنو، وزيراعظم اها به تجويز ڏني ته تازي غير قانوني ڪاررواين تي عالمي عدالت انصاف جي قانوني راءِ حاصل ڪرڻ کي به نظر ۾ رکيو وڃي. ان کانسواءِ هن چيو او آءِ سي جي ميمبر ملڪن کي گهرجي ته فلسطيني ڪاز جي لاءِ جاري قتل عام ۽ رياستي دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پائيدار حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن ۽ گروپن تائين به پهچن ۽ عالمي متفق ٿيل قاعدي جي بنياد تي هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي آزادي جي لاءِ جدوجهد ڪن جنهن جو گادي وارو هنڌ القدس شريف هو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته هي انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي ته آمريڪا عالمي مطالبن جي باوجود يروشلم کي اسرائيل جو نام نهاد گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ ۽ پنهنجو سفارتخانو القدس منتقل ڪرڻ جي فيصلن تي نظرثاني نه ڪري رهيو آهي، هن چيو ته او آءِ سي هڪ طرفي فيصلن کي مڪمل رد ۽ ان جي مذمت ڪري ٿي، هن چيو ته او آءِ سي جا ميمبر ملڪ مشڪل جي ان گهڙي ۾ پنهنجي فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن ۽ انهن جي مڪمل حمايت ڪن ٿا، وزيراعظم چيو ته تازي قتل عام فلسطيني عوام سان 70 سالا ناانصافين ۾ هڪ ٻيو بدنما باب جو اضافو آهي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ترڪي جي صدر طيب اردوان جي خصوصي دعوت تي او آءِ سي سربراهه اجلاس ۾ شريڪ آهي، هن چيو ته او آءِ سي جو سربراهه اجلاس فلسطينن جي خلاف ڏاڍ جي حوالي سان اهم پيغام ڏيڻ ۽ جوابي حڪمت عملي جي لحاظ کان انتهائي اهميت رکندڙ آهي، هن اهو اجلاس فلسطيني عوام جي لاءِ انصاف ۽ برابري جي راهه متعين ڪرڻ ۽ پاڻ جائزو وٺڻ جو موقعو فراهم ڪندو آهي ۽ فلسطيني عوام جي وچ ۾ پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ تي زور ڏيندو آهي، وزيراعظم گذريل ڊسمبر ۾ منعقد ٿيندڙ غير معمولي اجلاسن ۾ رکيل پنهنجا ٻه سوال به ورجايا، پهريون سوال اهو هو ته اسان ڪيئن ان تي ضابطو آڻي سگهون ٿا، حقيقت هي آهي ته هن پنهنجي يڪجهتي ۽ اتحاد کي ٺوس شڪل ناهي ڏني، هي نه رڳو فلسطين پر ٻين گڏيل مسئلن جي لاءِ به حقيقت آهي، دنيا انهي طرز سان ٻئي المئي جي به گواهه آهي، گذريل 70 سالن کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ڀارتي ڏاڍ ۽ بربريت ۽ جبر جي پاڇي ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ۽ پنهنجو خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ سميت بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزين جي خلاف مسلسل جدوجهد جاري رکي آهي، فلسطين جي مسئلي ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن کي مسلسل نظر انداز ڪيو پيو وڃي ۽ جدوجهد آزادي کي دهشتگردي سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم چيو ته سياسي، اقتصادي، مواصلاتي ۽ فني ڪمزورين تي ضابطو آڻڻ کانسواءِ پنهنجي ڀائرن چاهي اهي ڪشمير ۾ هجن يا فلسطين ۾ اسان انهن جو ڀرپور دفاع نه ڪري سگهنداسين، هن چيو ته ٻيو سوال هي هو ته اسان جو رد عمل ڇا هجڻ گهرجي؟ ڇا اسان کي عالمي قانون تي عملدرآمد ۾ ناڪامي ۽ رياستي دهشتگردي کي مڃي وٺڻ گهرجي؟ هي واضح آهي ته موجوده حالتن کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ صرف ڪاوڙ جو اظهار ئي ڪافي نه آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ جمعي ڏينهن فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو ڏينهن ملهايو ويو ۽ مسجدن ۾ فلسطين جي آزادي جي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون، وزيراعظم غير معمولي اجلاس گهرائڻ تي ترڪ صدر جي قدم کي ساراهيو.