وزيراعظم او آءِ سي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ استنبول پهچي ويو

وزيراعظم او آءِ سي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ استنبول پهچي ويو

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 18 مئی 2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ستين غير معمولي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ استنبول پهچي ويو آهي. پرڏيهي ۽ دفاع وارو وزير خرم دستگير خان ۽ اعليٰ عملدار وزيراعظم سان گڏ آهن، اجلاس ۾ وزيراعظم پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو جيڪو 18 مئي کان ترڪي جي شهر استنبول ۾ منعقد ٿي رهيو آهي، اجلاس ۾ فلسطيني رياست ۾ قابض فوج طرفان انساني حقن جي خلاف ورزين سان پيدا ٿيل سنگين صورتحال تي غور ڪيو ويندو.