مختلف سياسي پارٽين پاران فاٽا جي خيبرپختونخوا ۾ انضمام جي حمايت

مختلف سياسي پارٽين پاران فاٽا جي خيبرپختونخوا ۾ انضمام جي حمايت

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 16 مئی 2018ء) مختلف سياسي پارٽين جي ميمبرن وفاق جي اهتمام هيٺ قبائلي علائقن جي خيبرپختونخوا ۾ انضمام جي حمايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت کي ان سلسلي ۾ پنهنجي واعدن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ فاٽا سڌارن تي بحث ۾ حصو وٺندي پيپلزپارٽي جي ميمبر ڊاڪٽر عذرا فضل چيو آهي ته حڪومت کي واعدو پورو ڪرڻ گهرجي، فاٽا کي انصاف ملڻ گهرجي، فاٽا جي ماڻهن کي پنهنجي حق ۾ قانونسازي جو اختيار هجڻ گهرجي، فاٽا ۾ انضمام کانپوءِ ترقياتي عمل جاري رکڻ گهرجي، تحريڪ انصاف جي ميمبر علي محمد خان چيو ته فاٽا انضمام جي حوالي سان اسان کي ڪنهن جي به ڊڪٽيشن ۾ نه اچڻ گهرجي، پي ٽي آءِ، مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي، جماعت اسلامي ۽ اي اين پي فاٽا جي انضمام جي حق ۾ آهن، فاٽا جي عوام فاٽا جو انضمام چاهي ٿي، هو بلدياتي نظام چاهي ٿي، صوبائي اسيمبلين ۾ ميمبرشپ چاهي ٿي، اسان حڪومت جو فاٽا جي عوام کي پشاور هاءِ ڪورٽ تائين رسائي ڏيڻ تي ٿورائتا آهيون، اسان فاٽا جو انضمام چاهيون ٿا، منهنجي درخواست آهي ته مولانا فضل الرحمان ۽ محمود خان اچڪزئي پنهنجي سياسي مقصدن کي پوئتي رکي فاٽا جي انضمام جي مخالفت نه ڪن، جماعت اسلامي جي پارلياماني اڳواڻ صاحبزاده طارق الله چيو ته فاٽا جو انضمام آخري مرحلي ۾ آهي، انشاءُ الله جي تڪميل ٿيڻ واري آهي، فاٽا ۾ جيڪا احساس محرومي آهي انضمام سان ان جو ازالو ٿيندو، جماعت اسلامي جي ان حوالي سان ڊگهي جدوجهد آهي، اسان جو موقف ۽ مطالبو آهي ته فاٽا کي پاڪستان ۾ ضم ڪيو وڃي، حڪومت ان معاملي ۾ وڌيڪ دير نه ڪري، جيڪڏهن فاٽا جو انضمام ڪرڻ چاهيو ٿا ته آئين جي آرٽيڪل 247 کي هٽائڻو پوندو، ان کانسواءِ فاٽا جي صوبائي اسيمبلي جا ميمبر بااختيار هوندا، ايم ڪيو ايم جي شيخ صلاح الدين چيو ته فاٽا جي 30 لک ماڻهن لاءِ ايف سي آر جهڙي ڪاري قانون جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، قبائلي علائقن ۾ تعليم، صحت جي سهولت جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، اسان فاٽا جي انضمام جي خلاف ناهيون تنهن هوندي به فاٽا جي مستقبل جو فيصلو ريفرنڊم جي ذريعي ٿيڻ گهرجي، اسان فاٽا کي انتطامي يونٽ بڻائڻ جي حق ۾ آهيون، ان سان وفاق پاڪستان مضبوط ٿيندو.