مسلم ليگ (ن) پوري دنيا ۾ پاڪستان جي مفادن کي اڳتي وڌايو آهي: خرم دستگير

مسلم ليگ (ن) پوري دنيا ۾ پاڪستان جي مفادن کي اڳتي وڌايو آهي: خرم دستگير

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 16 مئی 2018ء) وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنهنجي منشور ۽ نواز شريف جي ويزن تحت پوري دنيا ۾ پاڪستان جي مفادن کي اڳتي وڌايو آهي، اسان خطي جي پاڙيسري ملڪن کي ڏسندي نئين سر علائقائي درجابندي ڪئي آهي، چين سان اسان جي لاڳاپن ۾ معاشي گهرائي آئي آهي، ان جا ڪيترائي اسٽريٽجڪ فائدا آهن جنهن سان ايندڙ سالن ۾ پاڪستان کي فائدو ٿيندو، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ دفاع بابت ڪٽوتي جي رٿ تي بحث سهيڙيندي هن چيو ته وچ ايشيائي ملڪن سان اسان جي لاڳاپن ۾ سگهه آئي آهي، ان جي نتيجي ۾ ڪاسا ون 1000 ۽ تاپي جهڙن منصوبن ۾ تيزي آئي ۽ جيڪڏهن افغانستان ۾ امن آيو ته اهي جلد مڪمل ٿيندا، ان دوران پاڪستان کي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرشپ ملي جيڪا اسان جي وڏي ڪاميابي آهي، دفاع واري وزير چيو ته افغانستان ۾ قيام امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان افغانستان سان مسلسل رابطن ۾ آهي، گذريل مهيني کان اشرف غني نئين سري سان ڳالهين جو آغاز ڪيو جنهن ۾ پاڪستان شامل آهي، هلندڙ سال 1829 مختلف مڪتب فڪر پاڪستاني عالمن دهشتگردي جي خلاف واضح فتويٰ جاري ڪئي، هن چيو ته وزيراعظم جنهن جرئت سان ڪشمير جو مسئلو سفارتي، ٻه طرفي ۽ گهڻ رخي فورمز تي اٿاريو آهي ان جو مثال نٿو ملي، يورپي ملڪن سان اسان لاڳاپن کي فروغ ڏنو، جي ايس پي پلس ان جو هڪ مثال آهي، موجوده حڪومتي دور ۾ روس سان لاڳاپن ۾ بهتري آئي، روس سان فوجي معاهدو ٿيو ۽ گڏيل مشقون ٿيون، ان سان گڏوگڏ مسلمان ملڪن سان لاڳاپن کي فروغ ۽ سگهه ڏني وئي، ايران جو صدر ٻه ڀيرا پاڪستان آيو آهي، پاڪستان جي سعودي عرب سان لاڳاپن ۾ وڌيڪ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي، پاڪستان جو معاشي ۽ سفارتي ڪيس اسان عالمي فورمز تي اٿاريو آهي، هي ڪاميابي جو سفر آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ حڪومت ان ڏس ۾ قدم جاري رکندي.