قومي اسيمبلي ۾ بجلي جي اک ٻُوٽ جاري رهي

قومي اسيمبلي ۾ بجلي جي اک ٻُوٽ جاري رهي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 16 مئی 2018ء) قومي اسيمبلي ۾ اربع ڏينهن بجيٽ جي منظوري جي عمل دوران وقفي وقفي سان بجلي جو بريڪ ڊائون جاري رهيو ۽ ايوان ڪيترائي ڀيرا انڌيري ۾ ٻڏندي نظر آيو، اسپيڪر جي پڇاڻي تي توانائي واري وزير سردار اويس احمد خان لغاري ايوان کي ٻڌايو ته گڊو مظفر ڳڙهه ٽرانسميشن لائين ۾ ٽرپنگ سبب ملڪ جي اترين حصن ۾ بجلي جو بريڪ ڊائون پيدا ٿيو، ڏکڻ پنجاب جو علائقو ان بريڪ ڊائون جي زد ۾ نه آيو تنهن هوندي به ڪي پي سميت اتر وارا علائقا ان کان متاثر ٿيا آهن، اسان جاچ جو حڪم ڏنو آهي جنهن جي رپورٽ پيش ڪئي ويندي، ايوان ۾ بريڪ ڊائون سبب مڪمل انڌيري جو ازالو ڪجهه ميمبرن پنهنجي موبائيل فون جي روشني سان ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي ۽ ان دوران مخالف ڌر ميمبرن طرفان ڪجهه ريمارڪس به ڏنا ويا ته ”تبديلي اچي وئي آهي“ جڏهن ته حڪومتي ميمبرن طرفان ان جي جواب ۾ چيو ويو ته هي فني معاملو آهي ان کي ان انداز ۾ نه ورتو وڃي.