بلوچستان کي ديوار سان نه لڳايو وڃي: مير ظفر الله جمالي

بلوچستان کي ديوار سان نه لڳايو وڃي: مير ظفر الله جمالي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 16 مئی 2018ء) اڳوڻي وزيراعظم مير ظفر الله جمالي پنهنجي قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفا ڏيندي چيو آهي ته بلوچستان کي ديوار سان نه لڳايو وڃي ۽ هن ايوان ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا آهن انهن کي نڀايو وڃي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اڳوڻي وزيراعظم مير ظفر الله جمالي چيو ته جيڪڏهن پرويز مشرف دور ۾ هو اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي سپريم ڪورٽ نه پهچائي ها ته خبر ناهي ته ان جو ڪهڙو حشر ٿيڻو هو، هن چيو ته نواب اڪبر بگٽي کي قتل ڪيو ويو، هن چيو ته بلوچستان جي ماڻهن کي ديوار سان نه لڳايو وڃي، هن پنهنجي اسيمبلي ميمبرشپ تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته اسيمبلي ۾ غلط بياني ڪئي وئي، جن جن ماڻهن آئين ٽوڙيو انهن سڀني خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي پر مون کي خبر آهي ته ائين نه ٿيندو