وزيراعظم جي هدايت تي 18 مئي کي فلسطين سان يڪجهتي جي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو

وزيراعظم جي هدايت تي 18 مئي کي فلسطين سان يڪجهتي جي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 15 مئی 2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي هدايت تي 18 مئي کي فلسطين سان يڪجهتي جي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب فلسطين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد بطور قوم پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي. ان ڏينهن ظلم ۽ ڏاڍ سان متاثر فلسطيني عوام جي لاءِ خصوصي طور تي دعائن جو اهتمام ڪيو وڃي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پنهنجي فلسطيني ڀائرن جي حمايت جاري رکندو ۽ هر فورم تي انهن جو ڪيس پيش ڪندو رهندو.