وزيراعظم کي ترڪيءَ جي وزيراعظم جي ٽيليفون، فلسطين جي صورتحال تي ڳالهيون

وزيراعظم کي ترڪيءَ جي وزيراعظم جي ٽيليفون، فلسطين جي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 15 مئی 2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ترڪيءَ جي وزيراعظم بن علي يلدرم ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ڳالهه ٻولهه دوران ترڪيءَ جي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي 18 مئي 2018ع تي ترڪيءَ پاران گهرايل اسلامي تعاون تنظيم جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي جنهن ۾ اسرائيلي فورسز جي هٿان بيگناهه فلسطينين جي قتلام سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور ڪيو ويندو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اسرائيلي فورسز پاران ڪيل ڪارروائي جي مذمت ڪئي ۽ فلسطينين جي انهن جي ملڪ لاءِ پرامن جدوجهد لاءِ پاڪستان جي يڪجهتي ۽ حمايت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ترڪيءَ پاران دعوت تي ٿورا مڃيندي ترڪيءَ جي ميزباني ۾ ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم جي غيرمعمولي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي پڪ ڏني.