سينٽ جي اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينٽ جي اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد سينٽ جي اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن جي ڪم جي طريقيڪار ۽ ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اطلاعات واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري شفقت جليل ڪميٽي کي وزارت جي مينڊيٽ ۽ قانونن ۽ ماتحت ادارن بابت پڻ تفصيلي آگاهه ڪيو. پي ٽي وي نيوز ۽ ٻين پي ٽي وي چينلز بابت ڪميٽي کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو ته پي ٽي وي تي وفاق ۽ سمورن صوبن کي برابر نمائندگي ملڻ گهرجي. ڪميٽي جي چيئرمين ڪوريج جي تناسب جي حوالي سان رپورٽ طلب ڪندي چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو وڃي ته گذريل هڪ سال ۾ ڪيترو تناسب رهيو آهي. ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر روبينه خالد چيو ته پي ٽي وي تي علائقائي، عورتن ۽ ٻارن جا پروگرام نه هجڻ جي برابر آهن. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته پي ٽي وي هڪ وڏو ادارو آهي ۽ ان ۾ آمدني وڌائڻ جا ڪيترائي شعبا موجود آهن، اهو عوام جي ٽيڪس تي هلايو پيو وڃي، ان چينل کي عوامي ايشوز کي موثر وقت ڏيڻو پوندو. اسٽينڊنگ ڪميٽي فيصلو ڪيو ته ايندڙ 10 ڏينهن اندر ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري سمورن معاملن جو جدا جدا جائزو ورتو ويندو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر ڊاڪٽر غوث محمد نيازي، محمد طاهر بزنجو، روبينه خالد، مشتاق احمد کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ڊويزن جي سيڪريٽري، پيمرا جي ڊائريڪٽر، ڊي جي آءِ پي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.