ملڪ ۾ ٻيلن ۾ اضافي جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، حڪومت ماحوليات جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ٻيلن جي تحفظ لاءِ قانونسازي جي ضرورت آهي: سينيٽرز

ملڪ ۾ ٻيلن ۾ اضافي جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، حڪومت ماحوليات جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ٻيلن جي تحفظ لاءِ قانونسازي جي ضرورت آهي: سينيٽرز

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 15 مئی 2018ء) سينيٽ جي ميمبرن چيو آهي ته ملڪ ۾ ٻيلن ۾ اضافي جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، حڪومت ماحوليات جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ٻيلن جي تحفظ لاءِ قانونسازي جي ضرورت آهي. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان ۽ ٻين پاران ٻيلن جي واڍي جي موجوده رفتار سبب پاڪستان ۾ ايندڙ 50 سالن ۾ ٻيلا ختم ٿيڻ جي رپورٽن بابت منظور ٿيل التوا واري رٿ تي بحث ڪري رهيا هئا. سينيٽر گيانچند بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته وفاقي حڪومت ماحوليات جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن ملڪ مان فضائي آلودگي کي ختم ڪري سگهجي. ان سان بيمارين تي ضابطو ۾ آڻڻ مدد ملندي. سينيٽر ميان محمد عتيق شيخ چيو ته ملڪ ۾ ٻيلن جي گهٽتائي آهي اسان کي ان ۾ اضافي جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، ٻيلن جي تحفظ جي لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي، ڪاٺين جي صنعت جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ايترا وڻ لڳي چڪا آهن جو اتي وڌيڪ وڻ هڻڻ جي لاءِ هڪ انچ جڳهه به ناهي. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته گرين پاڪستان ۽ ٻيلن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سينيٽر عبدالقيوم چيو ته وڻڪاري تمام اهم آهي، زندگي جي مختلف شعبن ۾ وڻن جي اهميت ۽ استعمال واضح آهي. هن چيو ته اسان کي ميويدار ٻوٽا هڻڻ گهرجن، ماحوليات واري کاتي ۽ زراعت کي ان تي تحقيق ڪرڻ گهرجي ته ڪهڙو وڻ ڪٿي لڳي سگهي ٿو، صوبن جي مختلف کاتن جي وچ ۾ وڻڪاري جو مقابلو ٿيڻ گهرجي. سينيٽر محسن عزيز چيو ته مختلف ملڪن ۾ وڻڪاري تي مراعتون ڏنيون وڃن ٿيون. وقتي چيئرمين اهو معاملو اڪلائيندي ماحوليات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو.