پاڪستان سمورن علائقائي ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا قائم رکڻ ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ سدائين ڪوششون ڪندو رهيو آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

پاڪستان سمورن علائقائي ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا قائم رکڻ ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ سدائين ڪوششون ڪندو رهيو آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 15 مئی 2018ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان سمورن علائقائي ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا قائم رکڻ ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ سدائين ڪوششون ڪندو رهيو آهي. هن اها ڳالهه نيپالي فوج جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل رجيندرا ڇيتري سان ڳالهائيندي چئي جنهن ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. دفاع ۽ پرڏيهي معاملن وارو وفاقي وزير خرم دستگير ۽ سينيئر عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان سدائين سمورن علائقائي ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا قائم رکڻ ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اقتصادي لحاظ ۽ قيمتي جانين جي زيان جي حوالي سان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ دفاع جي شعبي ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي. نيپالي فوج جي سربراهه نيپال جي وزيراعظم کگداد پرشاد اولي پاران وزيراعظم کي نيڪ خواهشون پهچايون. هن پاڪ فوج جي اعليٰ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيندي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ انهن جي قربانين جو اعتراف ڪيو.