سينيٽ پاران گئس انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس (ترميمي) بل 2018 منظور

سينيٽ پاران گئس انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس (ترميمي) بل 2018 منظور

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 15 مئی 2018ء) سينيٽ گئس انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس (ترميمي) بل 2018 جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير رانا محمد افضل خان رٿ پيش ڪئي ته بل ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي. پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي جي ڪجهه ميمبرن بل تي غور ملتوي ڪرڻ ۽ ان کي ڪميٽي ڏانهن واپس موڪلڻ يا پوءِ ايٿڪس ڪميٽي جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. مسلم ليگ (ن) جي ميمبر سينيٽر جاويد عباسي چيو ته ماضي ۾ اها روايت موجود آهي ته ڪميٽي هڪ ڀيرو ڪنهن معاملي کي منظور ڪري موڪلي ڇڏي ٿي ته پوءِ ان کي ٻيهر ڪميٽي ڏانهن نه ٿو موڪلي سگهجي. ناڻي واري مملڪتي وزير پڻ بل غور هيٺ آڻڻ تي زور ڏنو. بعد ۾ وقتي چيئرمين رٿ تي ايوان ۾ ڳڻپ ڪرائي ته ان جي حق ۾ 25 ۽ مخالفت ۾ 16 ميمبرن ووٽ ڏنو جنهن کانپوءِ وقتي چيئرمين بل شقوار منظوري جي لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. ان کان اڳ ناڻي واري مملڪتي وزير رانا محمد افضل چيو ته هن بل جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ سي اين جي جي شعبي سان ڳالهين ذريعي هڪ حل طئي ٿيو آهي جنهن تحت 19 ارب رپين جا اڳ ۾ وصول ڪيل ٽيڪس واپس ٿي چڪا آهن جڏهن ته 12 ارب رپيا وڌيڪ پڻ واپس ايندا. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو ان تي لابنگ ڪري رهيا آهن ڇو ته حڪومت جو مدو ختم ٿيڻ وارو آهي ۽ اهي چاهين ٿا ته اهو معاملو عدالتن ۾ ئي رهي ۽ ايندڙ حڪومت ان تي ڪو فيصلو ڪري. هن چيو ته ان معاملي ۾ ڪرپشن جي اسان کي ڪا ڄاڻ نه آهي ۽ جيڪڏهن ڪرپشن ٿي آهي ته اسان ته چونداسين ته ان کي ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ بدران نيب جي حوالي ڪيو وڃي. هن چيو ته بل تي اڳ ۾ ئي تمام گهڻي دير ٿي چڪي آهي ان کي ملتوي ڪرڻ جو ڪو جواز نه آهي. بل جي منظوري تي تحريڪ انصاف جا ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا.