سينيٽ پاران فلسطين ۾ اسرائيلي ڏاڍ خلاف مذمتي قرارداد منظور

سينيٽ پاران فلسطين ۾ اسرائيلي ڏاڍ خلاف مذمتي قرارداد منظور

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 15 مئی 2018ء) سينيٽ فلسطين ۾ اسرائيلي ڏاڍ جي مذمت جي لاءِ قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا ظفرالحق قرارداد پيش ڪئي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ عوام جي جذبن جي عڪاسي ڪندي بيگناهه ۽ معصوم فلسطينين جي خلاف اسرائيلي قابض فوجن جي جارحاڻي حربن جي مذمت ڪري ٿو جن جي نتيجي ۾ 70 ٻار، عورتون ۽ مرد شهيد ٿي ويا آهن جڏهن ته سوين زخمي آهن. سينيٽ آمريڪي سفارتخاني بيت المقدس منتقل ڪرڻ جي آمريڪي فيصلي کي رد ڪري ٿو ڇو ته اها عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي آهي. سينيٽ اسرائيل جي رياستي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو ۽ فلسطينين جي منصفاڻي موقف جي لاءِ پاڪستان جي حمايت ۽ يڪجهتي کي ورجائي ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته اسان محسوس ڪريون ٿا ته اسرائيل والاريل فلسطين ۽ ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انسانيت جي خلاف ڏوهه ڪري رهيا آهن، بيگناهه معصوم شهرين کي شهيد ڪري رهيا آهن ۽ ڄاڻي ٻجهي گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن ۽ ٻئي ملڪ والاريل فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادي جي صورتحال کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سينيٽ آف پاڪستان فلسطيني عوام جي قربانين ۽ بهادري کي سلام پيش ڪري ٿو جيڪي پنهنجي رت ذريعي اسرائيلي قابض فوج جي جارحيت آڏو مزاحمت ڪري رهيا آهن. سينيٽ حڪومت تي زور ڏي ٿو ته هو فلسطين ۽ ڪشمير جي تڪرارن جي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حتمي حل لاءِ عالمي برادري سان رابطو ڪري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو معاملو اٿاري. ايوان قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.