قومي اسيمبلي ۾ 237 کرب 32 ارب 14 ڪروڙ 97 لک ۽ 21 هزار روپين جي لازمي خرچن جا تفصيل

قومي اسيمبلي ۾ 237 کرب 32 ارب 14 ڪروڙ 97 لک ۽ 21 هزار روپين جي لازمي خرچن جا تفصيل

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 15 مئی 2018ء) قومي اسيمبلي ۾ 237 کرب 32 ارب 14 ڪروڙ 97 لک ۽ 21 هزار روپين جي لازمي خرچن جا تفصيل پيش ڪيا ويا آهن. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ لازمي خرچن جي پيش ڪيل تفصيلن موجب پگهارن ۽ پينشنز جي مد ۾ الائونسز لاءِ 3 ارب 86 ڪروڙ 52 لک، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ امدادي رقم ۽ مختلف خرچن جي لاءِ 14 ڪروڙ، پرڏيهي معاملن واري شعبي جي ٻين خرچن جي لاءِ 15 ڪروڙ، سول ورڪس جي لاءِ 77 لک 41 هزار، قانون 7 انصاف واري شعبي جي ٻين خرچن لاءِ 23 ڪروڙ 62 لک 68 هزار، قومي اسيمبلي جي لاءِ هڪ ارب 75 ڪروڙ 19 لک، 15 هزار، سينيٽ جي لاءِ 1 ارب 69 ڪروڙ 84 لک 69 هزار، پاڪستان پوسٽ آفيس ڊيپارٽمينٽ جي لاءِ 2 ڪروڙ 24 لک، پاڪستان ريلوي لاءِ هڪ ارب روپيا، وفاقي حڪومت جي غير ملڪي ترقياتي قرضن ۽ ايڊوانسز جي لاءِ 171 ارب 86 ڪروڙ 67 ڪروڙ 4 هزار، ايوان صدر جي عملي ۽ الائونسز لاءِ هڪ ارب 36 ڪروڙ، آڊٽ 4 ارب 63 ڪروڙ 30 لک، ملڪي قرضن لاءِ 13 کرب 91 ارب، ملڪي قرضن جي واپسي لاءِ 211 کرب 29 ارب 74 ڪروڙ 83 لک 81 هزار، پرڏيهي قرضن لاءِ 229 ارب 22 ڪروڙ 95 لک 15 هزار، پرڏيهي قرضن جي واپسي لاءِ 601 ارب 75 ڪروڙ 39 لک 53 هزار، ڊگهي ۽ وچولي مدي واري غير ملڪي قرضن جي واپسي لاءِ 174 ارب 16 ڪروڙ 32 لک 75 هزار، عدالت عظميٰ هڪ ارب 96 ڪرور 40 لک، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 52 ڪرور 70 لک، چونڊن جي لاءِ 2 ارب 53 ڪروڙ 10 لک، وفاقي محتسب لاءِ 72 ڪروڙ 20 لک روپيا ۽ وفاقي ٽيڪس محتسب جي لاءِ 24 ڪروڙ 30 لک روپيا ٻڌايا ويا آهن، قومي اسيمبلي انهن خرچن تي بحث تي ڪري سگهي ٿي تنهن هوندي به لازمي خرچن جي قومي اسيمبلي مان منظوري وٺڻ لازمي نه آهي.