عمر خالد خراساني جو نالو دهشتگردن جي فهرست ۾ وجهرائڻ جو معاملو ٻيهر گڏيل قومن ۾ اٿاريو ويندو: وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان

عمر خالد خراساني جو نالو دهشتگردن جي فهرست ۾ وجهرائڻ جو معاملو ٻيهر گڏيل قومن ۾ اٿاريو ويندو: وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 14 مئی 2018ء) دفاع واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير چيو آهي ته عمر خالد خراساني جو نالو دهشتگردن جي فهرست ۾ وجهرائڻ جو معاملو ٻيهر گڏيل قومن ۾ اٿاريو ويندو. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ بيان ڏيندي دفاع واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير چيو ته سينيٽ چيئرمين عمر خالد خراساني جي حوالي سان معاملي تي بيان ڏيڻ جي لاءِ هدايت ڪئي هئي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پابندين لاڳو ڪندڙ ڪميٽي جماعت الاحرار جي اڳواڻ عمر خالد خراساني جي حوالي سان معاملي تي غور ڪيو ۽ جيڪا پابندي اسان تجويز ڪئي هئي اها لاڳو نه ڪئي وئي. عمر خالد خراساني ۽ جماعت الاحرار پاڪستانين جي قتل ۾ ملوث آهي. جماعت الاحرار جي اڳواڻ تي پابنديون لڳڻ گهرجن ڇو ته ان جماعت تي پابندي هنئي وئي آهي. اسان جي تجويز ڪيل پابندي نه هڻڻ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ٻٽي معيار کي ظاهر ڪري ٿو ۽ اسان جي قربانين جي به توهين آهي. پاڪستان گڏيل قومن جي قاعدن تحت ان معاملي تي اڳڀرائي جاري رکندو اسان گڏيل قومن ۾ ان معاملي کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون.