سينيٽ ۾ وقتي چيئرمين جي روڪڻ ۽ بار بار منع ڪرڻ جي باوجود پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ ميمبر ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي بحث ڪرڻ بدران اڳوڻي وزيراعظم جي بيان جي حوالي سان ذاتي تنقيد ڪندا رهيا

سينيٽ ۾ وقتي چيئرمين جي روڪڻ ۽ بار بار منع ڪرڻ جي باوجود پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ ميمبر ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي بحث ڪرڻ بدران اڳوڻي وزيراعظم جي بيان جي حوالي سان ذاتي تنقيد ڪندا رهيا

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 14 مئی 2018ء) سينيٽ ۾ وقتي چيئرمين جي روڪڻ ۽ بار بار منع ڪرڻ جي باوجود پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ ميمبر ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي بحث ڪرڻ بدران اڳوڻي وزيراعظم جي بيان جي حوالي سان ذاتي تنقيد ڪندا رهيا. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران مخالف ڌر ميمبرن بحث شروع ڪرڻ کانپوءِ ڪافي دير تائين بحث ۾ حصو نه ورتو ۽ حڪومتي ميمبرن ڳالهايو جڏهن ته بعد ۾ مخالف ڌر پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪئي ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن بحث ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ پنهنجي ميزن تي لڳل لائيٽون آن ڪيون. سينيٽر اعظم خان سواتي ملڪ جي سياسي صورتحال تي بحث بدران اڳوڻي وزيراعظم جي بيان جي حوالي سان ان تي ذاتي تنقيد شروع ڪري ڇڏي جنهن تي قائد ايوان راجا ظفرالحق پنهنجي سيٽ تي بيهي رهيو ۽ وقتي چيئرمين کي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم بابت ”هڪ شخص“، هن شخص“ جهڙا لفظ استعمال ڪرڻ توهين آميز آهن جڏهن ته هو (اعظم سواتي) پاڻ کي پڙهيل لکيل شخص چوي ٿو ۽ آمريڪا ۾ به رهيو آهي، ماڻهو سندس ان نموني ڳالهائڻ تي اٿي هليا ويا آهن. وقتي چيئرمين چيو ته اها مناسب ڳالهه نه آهي، توهان (اعظم سواتي) اهڙي ڳالهه نه ڪريو، اعظم سواتي چيو ته مون غيرپارلياماني ڳالهه ناهي ڪئي، چيئرمين چيو ته توهان ڪنهن شخص کي هدف بڻائي ڳالهه نه ڪريو جڏهن ته ان جي باوجود اعظم سواتي ۽ پي ٽي آءِ جا ٻيا ميمبر پنهنجي تقريرن ۾ اڳوڻي وزيراعظم تي ذاتي تنقيد ڪندا رهيا.