عمران خان اليڪشن ڪميشن جي ضابطن جي مسلسل خلاف ورزي ڪرڻ ۽ پاڻ کي قانون کان مٿانهون ثابت ڪرڻ جو پيغام ڏئي رهيو آهي: پرويز رشيد

عمران خان اليڪشن ڪميشن جي ضابطن جي مسلسل خلاف ورزي ڪرڻ ۽ پاڻ کي قانون کان مٿانهون ثابت ڪرڻ جو پيغام ڏئي رهيو آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23ستمبر 2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان اليڪشن ڪميشن جي ضابطن جي مسلسل خلاف ورزي ڪرڻ ۽ پاڻ کي قانون کان مٿانهون ثابت ڪرڻ جو پيغام ڏئي رهيو آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان جي ويجهو قانون جي پاسداري ڪرڻ صرف ٻين جي ذميداري آهي جڏهن ته هو پاڻ قانون جي ڌڄيون اڏائي رهيو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت سمورين ضمني چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جي ضابطن جي پابندي ڪئي ۽ قانون جو احترام ڪيو ۽ پاڻ کي چونڊ مهم کان پري رکيو جڏهن ته عمران خان سمورن ضابطن کي پيرن سان لتاڙڻ باوجود چونڊن ۾ شڪست کاڌي، مسلم ليگ (ن) قانوني گهرجن تحت چونڊ مهم کان دوري اختيار ڪئي. هن چيو ته پوءِ به عوام خدمت ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي وزيراعظم محمد نواز شريف تي اعتماد جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ضابطن تي عملدرآمد ڪندي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سمورين ڌرين کي برابر جا موقعا فراهم ڪري، اسان اليڪشن ڪميشن کان انصاف جا منتظر آهيون.