سينيٽ جي قاعدن ۽ ضابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي قاعدن ۽ ضابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23ستمبر 2016ء) سينيٽ جي قاعدن ۽ ضابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر ڊاڪٽر جهانزيب جمالديني جي صدارت ۾ پارليامينٽ لاجز جي ڪانفرنس هال ۾ منعقد ٿيو، ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر چوڌري تنوير خان جي 18 جولاءِ 2016ع جي سينيٽ اجلاس ۾ قانونن 198، 56 ۽ 209 ۾ ترميمن جي معاملن کانسواءِ سينيٽر شاهي سيد جي 8 فيبروري 2013ع تي ڪي ايس اي جي ملازمن جي حوالي سان پڇيل معلومات جي عدم فراهمي جي حوالي سان استحقاق واري رٿ جي معاملي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر سليم ضياءُ، زاهده خان، هلال الرحمان، سردار محمد يعقوب خان ناصر، عثمان سيف الله خان ۽ چوڌري تنوير خان کانسواءِ پارلياماني معاملن وارو سيڪريٽري محمد همايون، واپڊا وارو ايڊيشنل سيڪريٽري عمر رسول، قانون واري وزارت جو ڊپٽي ڊرافٽ مين، ڪي اليڪٽرڪ جي ڊائريڪٽر کانسواءِ نيپرا ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن شرڪت ڪئي. سينيٽر چوڌري تنوير خان چيو ته سينيٽرن جيڪي سوال تيار ڪندا آهن اهي ڪافي سوچ ويچار کانپوءِ تيار ڪندا آهن ۽ هو هائوس جي پراپرٽي بڻجي ويندا آهن ۽ جيڪڏهن لاڳاپيل سينيٽر اجلاس ۾ موجود نه هجي ته ٻيو سينيٽر اهو سوال اٿاري سگهي ٿي جنهن تي ڪميٽي جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري چيو ته ان سان بي شمار مسئلا سامهون ايندا بهتر اهو ئي آهي ته پهرين سينيٽرن کي ريگولر ڪيو وڃي، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاسن ۾ به ڪيترائي سينيٽر حاضر ناهن ٿيندا. ڪميٽي جي سيڪريٽري محمد انور چيو ته پهرين هي طريقو لاڳو هو پوءِ سينيٽرن جي اعتراضن تي ترميم ڪئي وئي. سينيٽر سليم ضياءُ چيو ته سينيٽ اجلاس ۾ سوالن واري وقفي جي وقت کي ٻن ڪلاڪن تائين وڌايو وڃي جنهن تي ڪميٽي چيئرمين چيو ته هي معاملو ايڊوائيزري ڪميٽي ۾ اٿاري سگهجي ٿو. سينيٽر چوڌري تنوير خان ترميم 198 جي حوالي سان چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ايجنڊا لاڳاپيل وزير ۽ ڪميٽي ميمبرن جي مشاورت سان طئي ڪيو وڃي جنهن تي ڪميٽي چيئرمين چيو ته ڪميٽي جي اجلاس جي ايجنڊا وقت کان پهرين ميمبرن کي موڪلي ويندي آهي ۽ ڪو به سينيٽر ايجنڊا ۾ شيون شامل ڪرائي سگهي ٿو جيڪڏهن مشاورت سان ئي ايجنڊا طئي ڪيو وڃي ته پهرين هڪ گڏجاڻي طلب ڪرڻي پوندي جيڪڏهن اهڙي طرح جون شيون رولز ۾ شامل ڪيون ويون ته ڪيتريون ئي مشڪلاتون سامهون اينديون. هي معاملو ڪائونسل آف چيئرمين جي ڪميٽي ۾ اٿاري سگهجي ٿو ۽ سينيٽ چيئرمين ان تي فيصلو ڪري سگهي ٿو. اسٽينڊنگ ڪميٽي سينيٽر چوڌري تنوير جي ڪميٽي جي ميمبرن کي 48 ڪلاڪ پهرين ورڪنگ پيپرز پهچائڻ جي تجويز کي منظور ڪري ورتو ۽ سينيٽر تنوير خان جي تجويز 209 جي حوالي سان جنهن موجب سينيٽر چوڌري تنوير چيو ته اجلاس جي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ٿيڻ سان جيڪا ايجنڊا رهجي ويندي آهي اها ضايع ٿي ويندي آهي ٻيهر محنت ڪرڻي پوندي آهي ايندڙ اجلاس ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ ، جنهن تي ڪميٽي سيڪريٽري محمد انور چيو ته سيڪريٽريٽ کي به ان حوالي سان وڏي محنت ڪرڻي پوندي آهي، پنجاب ۾ ڪوشش ٿي رهي آهي ته هتي به ان حوالي سان بحث ڪرايو ويو آهي، سينيٽر شاهي سيد چيو ته مون 17 مئي 2012ع تي هي مسئلو اٿاريو هو چار سال کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي ۽ جنهن آفيسر جي خلاف استحقاق واري رٿ پيش ڪئي هئي اهو به کاتو ڇڏي چڪو آهي ان حوالي سان جيڪا بربادي ٿيڻي هئي ٿي چڪي ملڪ کي اربين روپين جو نقصان پهچايو ويو، ڪي ايس سي جي نجڪاري جو معاهدو 2005ع تحت نيپرا 7604 پراڻي ملازمن کي نه ڪڍڻ جي حوالي سان ڪي اي ايس سي ايل کي 15 پئسا في يونٽ وڌيڪ جي منظوري به ڏني هئي ان جي باوجود ملازمن کي نه رڳو ڪڍيو ويو پر انهن جي خلاف دهشتگردي جا به ڪيس داخل ڪرايا ويا ۽ سينيٽ جي پاڻي ۽ بجلي جي ذيلي ڪميٽي ان حوالي سان هڪ رپورٽ تيار ڪئي جنهن کي ايوان ۾ پيش ڪيو ويو ۽ وزارت کي موڪلي وئي هئي ۽ وزارت 60 ڏينهن اندر ايڪشن جي حوالي سان آگاهه ڪرڻ جي پابند هئي پر ڪو به جواب فراهم نه ڪيو ويو ۽ مون جيڪي تفصيل طلب ڪيا هئا اهي به فراهم نه ڪيا ويا جنهن تي واپڊا جي ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته ڪي اليڪٽرڪ معلومات فراهم نه ڪئي ان جا 20 سيڪڙو شيئرز حڪومت وٽ آهن ۽ جيڪو معاهدو ڪيو ويو هو 2015ع ۾ ختم ٿي چڪو، نئين معاهدي لاءِ ڪميٽي بڻجي چڪي آهي جنهن تي ڪميٽي چيئرمين چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪنهن معاهدي تحت 650 ميگاواٽ بجلي رعايتي اگهن تي نيشنل گرڊ اسٽيشن کان وصول ڪري رهيو آهي جيڪو ڪنهن ريگوليٽري اٿارٽي کي جوابده ئي نه آهي. شاهي سيد جي تجويز تي اسٽينڊنگ ڪميٽي فيصلو ڪيو ته ايندڙ اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزير، سيڪريٽري ۽ ڪي اليڪٽرڪ جو سي اي او شريڪ ٿين ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري جي معاهدي جا تفصيلن جو جائزو ورتو ويندو.