سينيٽ جي مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23ستمبر 2016ء) سينيٽ جي مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر دائود خان اچڪزئي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي بلوچستان ۾ ٻاهرين امدادي ادارن ۽ سالياني ترقياتي بجيٽ تي هلندڙ منصوبن کي پاڪ چين اقتصادي راهداري جو نالو ڏيڻ تي پابندي لڳائڻ جي هدايت ڏني آهي. ڪميٽي چيئرمين سينيٽر دائود خان اچڪزئي عيد جي موقعي تي موٽر وي پوليس جي اهلڪارن سان پيش آيل واقعي جا مڪمل تفصيل آءِ جي موٽر وي پوليس کان ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتا. سينيٽر دائود خان اچڪزئي چيو ته لورالائي، قلعه سيف الله، زوب، مغل ڪوٽ ۽ شاهراهه قراقرم جهڙن پراڻن منصوبن کي پاڪ چين اقتصادي راهداري سان جوڙڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. ڪميٽي چيئرمين چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا صوبن جي چيف سيڪريٽرين جي اجلاس ۾ عدم شرڪت جو مقصد اهو آهي ته ڪميٽي کي اصل حقيقت کان آگاهي ناهي ڏيڻي. ڪوئيٽا چمن روڊ جي شاهراهه سان پاڻي جي نالين ۽ مخلف هنڌن تي مرمتن جي ڪم کي سياري جي موسم کان پهرين مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏني جنهن تي اين ايڇ اي جي چيئرمين خاطري ڪرائي ته نومبر جي آخر تائين ڪم مڪمل ڪيو ويندو. تخت ڀائي فلائي اوور کي ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ کولي ڪميٽي کي لکت ۾ آگاهه ڪيو وڃي، جنهن تي اين ايڇ اي چيئرمين شاهد اشرف تارڙ خاطري ڪرائي ته 3 ڊسمبر تائين فلائي اوور کوليو ويندو. ڪميٽي جي چيئرمين ايف ڊبليو او جي ڊائريڪٽر جنرل جي اجلاس مان غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايف ڊبليو او جي نمائندگي کان ايندڙ اجلاس ۾ ايم ٽيگ/ ٽول ٽيڪس جي چئن مهينن اندر 70 روپين کان 100 تائين ڪهڙي قانون ۽ اختيار تحت اضافي جا تفصيل به طلب ڪري ورتا، آءِ جي موٽر وي پوليس کان ايندڙ اجلاس ۾ بي ٽي ايس جي ذريعي خالي جاين تي ڀرتين لاءِ درخواستون ڏيندڙ منظور ٿيل ۽ نامنظور اميدوارن جا تفصيل، طريقيڪار ۽ سال 17 -2016ع جي بجيٽ جا تفصيل به طلب ڪري ورتا ۽ جاين جا اشتهار جن جن اخبارن ۾ شايع ٿيا انهن جا تفصيل به طلب ڪرڻ کانسواءِ پوسٽل سروسز، ناڻي واري وزارت، مواصلات واري وزارت جي 3 آڪٽوبر جي اجلاس ۾ مسئلن جي حل جي رپورٽ به ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتي، ڪميٽي اجلاس ۾ آگاهه ڪيو ويو ته اين 50 تي هاءِ وي سيفٽي جي حوالي سان 4 ملين لاڳت جي ٽن ڪمن جو اشتهار ڏنو ويو، چٽاڀيٽي ڪميشن جي ريفرنس سبب ٻيهر ٽينڊر ڪيا ويا آهن، مارچ جي ٻي هفتي تائين ڪم مڪمل ٿي ويندو، زيارت جي ويجهو خطرناڪ موڙن جو 39.3 ملين جو ٽينڊر منظور ٿي چڪو آهي، اي ڊي بي جي ٻن منصوبن تي به ڪم شروع آهي، ڪچلاڪ باءِ پاس جو سيڪشن فور ٿي ويو آهي جنهن تي ڪميٽي چيئرمين چيو ته ڪچلاڪ لورالائي باءِ پاس جي تڪميل جي باري ۾ هڪ سال کان ٻڌي رهيا آهيون جنهن تي آگاهه ڪيو ويو ته هن مهيني جي آخر ۾ ڪم شروع ٿي ويندو، اين ايڇ اي جي چيئرمين شاهد اشرف تارڙ چيو ته ڊي آءِ خان کان ڪوئيٽا 533 ڪلوميٽر گهٽ مدي وارو منصوبي کي چين سان شامل ڪرايو ويو آهي، 30 سيپٽمبر تي ڊزائين اچي ويندي ۽ ڪم به شروع ٿي ويندو، ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر ڪامل علي آغا، سجاد حسين طوري، محمد علي خان سيف، عثمان خان ڪاڪڙ، لياقت خان ترڪئي، ڪلثوم پروين کانسواءِ اين ايڇ اي جو چيئرمين شاهد اشرف تارڙ، مواصلات واري وزارت، موٽر وي پوليس جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.