زيراعظم ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو آهي: خرم دستگير خان

زيراعظم ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو آهي: خرم دستگير خان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22ستمبر 2016ء) واپار واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪري رهيو آهي، پاڪستان ڪشميرين جي پرامن آزادي واري تحريڪ جي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جهڙي طرح ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري واري حق لاءِ نسل در نسل پنهنجون ڪوششون جاري رکيون آهن بلڪل اهڙي طرح اسان کي به پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ته جيئن کين انهن کي خودمختياري جو بنيادي حق ملي سگهي، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندي پاڪستان سدائين مظلوم ڪشميرين جي آواز کي دنيا ۾ بلند ڪيو آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف 2014ع کان ئي ڪشمير مسئلي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ان لاءِ هن هر اهم عالمي فورم تي ڪشمير مسئلي کي کلي بيان ڪيو ۽ ڪشميرين جي بنيادي حق خودمختياري واري حق جي ڳالهه ڪئي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ايران سان اسان جا لاڳاپا بهتري طرف وڌي رهيا آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي جنهن جي امن لاءِ موجوده حڪومت سنجيده آهي ۽ ان ڏس ۾ اهم قدم کنيا به ويا آهن، افغانستان ۾ اسان ڪڏهن به مداخلت ناهي ڪئي ۽ موجوده حڪومت افغان امن عمل جي لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون آهن، موجوده حڪومت اڄ به افغانستان سميت خطي جي سمورن ملڪن سان بهتر لاڳاپن جو خواهشمند آهي ته جيئن خطي ۾ امن ۽ استحڪام ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ خرم دستگير چيو ته پاڪستان ڪنهن تي به عسڪري ڪارروائي نه ڪندو پر اسان پنهنجي دفاع جي لاءِ مڪمل تيار آهيون ۽ ان لاءِ وزيراعظم محمد نواز شريف نيويارڪ مان آرمي چيف سان ڳالهه ٻولهه به ڪئي آهي.