هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران بئنڪن کان بجيٽ سپورٽ جي لاءِ 853.3 ارب رپين جو قرض ورتو: اقتصادي سروي رپورٽ

هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران بئنڪن کان بجيٽ سپورٽ جي لاءِ 853.3 ارب رپين جو قرض ورتو: اقتصادي سروي رپورٽ

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 26اپریل 2018ء) مالي سال 18 – 2017ع جي اقتصادي جائزي رپورٽ موجب حڪومت هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران بئنڪن کان بجيٽ سپورٽ جي لاءِ 853.3 ارب رپين جو قرض ورتو آهي جڏهن ته گذريل مالي سال دوران قرضن جو ڪاٿو 704 ارب رپيا هو. رپورٽ موجب ان عرصي دوران وفاقي حڪومت اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کان 2236.7 ارب رپين جو قرض ورتو جيڪو گذريل سال جي انهي ئي عرصي دوران 801.6 ارب رپيا هو. رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران بئنڪاري جي شعبي جي داخلي اثاثن ۾ 1243.7 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 1049.9 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. اهڙي طرح بئنڪاري جي شعبي جي پرڏيهي اثاثن جي ڪاٿي ۾ جاري مالي سال جي 9 مهينن ۾ 1472.8 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي آهي جڏهن ته گذريل مالي سال دوران 284.8 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي هئي.