مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي ڪامياب اقتصادي پاليسين جي نتيجي ۾ مشڪل صورتحال جي باوجود غيرترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ اوڳاڙين ۾ اضافي جهڙا بنيادي قدم کنيا ويا: اقتصادي سروي

مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي ڪامياب اقتصادي پاليسين جي نتيجي ۾ مشڪل صورتحال جي باوجود غيرترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ اوڳاڙين ۾ اضافي جهڙا بنيادي قدم کنيا ويا: اقتصادي سروي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 26اپریل 2018ء) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي ڪامياب اقتصادي پاليسين جي نتيجي ۾ مشڪل صورتحال جي باوجود غيرترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ اوڳاڙين ۾ اضافي جهڙا بنيادي قدم کنيا ويا، جنهن سان ترقياتي خرچن ۽ سماجي تحفظ جي قدمن تي استعمال ڪيل بجيٽ جي اضافي ۾ مدد ملي. مالي سال 18 – 2017ع جي اقتصادي جائزي رپورٽ موجب مالي سال 2013ع ۾ مالياتي خسارو جي ڊي پي جي 8.2 سيڪڙو جي برابر هو جيڪو هلندڙ مالي سال دوران 5.8 سيڪڙو تائين گهٽ ٿيو. 2018ع جي پهرين ڇهن مهينن ۾ ماليات جي شعبي ۾ نمايان بهتري ٿي ۽ خرچن جي ڀيٽ ۾ اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيو ۽ هلندڙ سال جي شروعاتي 6 مهينن دوران مالياتي خساري کي جي ڊي پي جي 2.3 سيڪڙو تائين گهٽ ڪيو ويو. رپورٽ موجب مالي سال 2018ع جي لاءِ خرچن جو ڪل ڪاٿو 7646.8 ارب رپيا هو جنهن ۾ جاري خرچن جي لاءِ 5393.9 ارب رپين جو ڪاٿو آهي جيڪو ڪل خرچن جي 70.5 سيڪڙو جي برابر آهي جڏهن ته حڪومت ڪل خرچن جي 29.5 سيڪڙو جي برابر بجيٽ ترقياتي خرچن جي لاءِ رکي آهي.