مالي سال 18 – 2017ع جي اقتصادي جائزي رپورٽ موجب گذريل 5 سالن دوران پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ نمايان اضافو ٿيو: اقتصادي سروي

مالي سال 18 – 2017ع جي اقتصادي جائزي رپورٽ موجب گذريل 5 سالن دوران پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ نمايان اضافو ٿيو: اقتصادي سروي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 26اپریل 2018ء) مالي سال 18 – 2017ع جي اقتصادي جائزي رپورٽ موجب گذريل 5 سالن دوران پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي ۽ حڪومت جي دانشمنداڻي اقتصادي پاليسين جي نتيجي ۾ ترقياتي خرچن ۾ اضافو، ناڻي واڌ جي شرح ۾ گهٽتائي، مالياتي پاليسي کي محتاط بڻائڻ سميت پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي جي حوالي سان ڪيل سيڙپڪاري ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. رپورٽ موجب گذريل ٻن سالن دوران قومي معيشت جي ترقي جي شرح 5 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي آهي جڏهن ته زراعت، صنعت ۽ خدمتن جي شعبن جي ڪارڪردگيجي بنياد تي اها واڌويجهه جي شرح گذريل 13 سالن جي بلند ترين سطح تي پهتي. اهڙي طرح وڏن صنعتي ادارن جي شعبي ۾ به 6.13 سيڪڙو جي ترقي جي شرح حاصل ڪئي آهي جيڪا گذريل 10 سالن دوران سڀ کان وڌيڪ آهي جڏهن ته صنعتي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 5.8 سيڪڙو تائين وڌي. اقتصادي جائزي رپورٽ موجب ٻيلن جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 7.17 سيڪڙو رهي آهي. حڪومت جي پاليسين جي نتيجي ۾ قومي بچت ۽ گهريلو بچتن جي جي ڊي پي جي سيڪڙو جي حساب سان شرح ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. مالي سال 2018ع دوران مالي سال 2017ع جي ڀيٽ ۾ قومي آمدني خرچن جي نسبت سڀ کان گهٽ رهي جنهن جي ڪري بچتن ۽ سيڙپڪاري جي وچ ۾ فرق ۾ اضافو ٿيو آهي.