وفاقي حڪومت پاران هلندڙ مالي سال جي معاشي ڪارڪردگي بابت 18 – 2017ع جي اقتصادي سروي رپورٽ جاري هلندڙ مالي سال دوران اقتصادي واڌويجهه جي شرح 5.8 سيڪڙو، زرعي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 3.8 سيڪڙو، مينوفيڪچرنگ جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 5.8 سيڪڙو، خدمتن جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 6.4 سيڪڙو ۽ وڏن صنعتي ادارن جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 6.25 سيڪڙو رهي آهي، ناڻي واڌ جي شرح 3.8 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي: اقتصادي سروي رپورٽ

وفاقي حڪومت پاران هلندڙ مالي سال جي معاشي ڪارڪردگي بابت 18 – 2017ع جي اقتصادي سروي رپورٽ جاري هلندڙ مالي سال دوران اقتصادي واڌويجهه جي شرح 5.8 سيڪڙو، زرعي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 3.8 سيڪڙو، مينوفيڪچرنگ جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 5.8 سيڪڙو، خدمتن جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 6.4 سيڪڙو ۽ وڏن صنعتي ادارن جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 6.25 سيڪڙو رهي آهي، ناڻي واڌ جي شرح 3.8 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي: اقتصادي سروي رپورٽ

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 26اپریل 2018ء) وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال جي معاشي ڪارڪردگي بابت 18 – 2017ع بابت اقتصادي سروي جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن تحت هلندڙ مالي سال دوران اقتصادي واڌويجهه جي شرح 5.8 سيڪڙو، زرعي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 3.8 سيڪڙو، مينوفيڪچرنگ جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 5.8 سيڪڙو، خدمتن جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 6.4 سيڪڙو ۽ وڏن صنعتي ادارن جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 6.25 سيڪڙو رهي آهي، ناڻي واڌ جي شرح 3.8 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي جڏهن ته پيپلزپارٽي جي 5 سالن جي اقتدار جي دور دوران ناڻي واڌ جي شرح 11.88 سيڪڙو هئي، بجيٽ خسارو 8.2 سيڪڙو کان 5.5 تائين گهٽ ٿيو آهي، ايف بي آر جي ٽيڪس رهتن جي اوڳاڙي 3900 ارب رپين کان وڌيڪ رهي آهي جيڪا جي ڊي پي جي 11 سيڪڙو کان وڌي ويندي. ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر مفتاح اسماعيل ۽ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال پريس ڪانفرنس دوران اقتصادي جائزو جاري ڪيو. ان موقعي تي اوڳاڙين واري خصوصي معاون ۽ وزير هارون اختر، ناڻي وارو مملڪتي وزير رانا محمد افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته 2013ع ۾ رياست ۽ معيشت بحران جو شڪار هئي، ملڪ ۾ بيروزگاري عروج تي هئي، 2008ع کان وٺي 2012ع دوران قومي معيشت جي واڌويجهه جي شرح سراسري 2.5 کان 3 سيڪڙو رهي، قومي معيشت توانائي بحران سبب هيٺانهين جو شڪار هئي، ملڪ جو معاشي مرڪز ڪراچي ڀتاخورن جي هٿن ۾ يرغمال هو، مسلم ليگ (ن) 5 سالن دوران سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) کي 300 ارب رپين مان وڌائي هڪ هزار ارب رپيا ڪيو جيڪو اسان جي ترقياتي ايجنڊا جو حصو آهي، اعليٰ تعليم جي بجيٽ 13 ارب رپين مان 47 ارب رپين تائين وڌائي وئي، مختلف قدمن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ 11 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي. هن چيو ته گذريل 66 سالن جي تاريخ ۾ پاڪستان ۾ بجلي جي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 18 هزار ميگاواٽ هئي، اهڙي طرح مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 1750 ڪلوميٽر ڊگهي نئين موٽرويز جي تعمير شروع ڪئي جڏهن ته اسان وٽ اڳ ۾ 550 ڪلوميٽر موٽروي موجود هئي، اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ موٽروي جي لاءِ ڪل ڊيگهه 1450 جڏهن ته پاڪستان جي موٽروي جي ڪل ڊيگهه 2250 ڪلوميٽر ٿي وئي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ انتهاپسندي ۽ سيڪيورٽي مسئلن جي خاتمي لاءِ پنهنجي بجيٽ ۽ وسيلن مان خرچ ڪيا جن جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت جي دور ۾ توانائي جي شعبي ۾ رڪارڊ سيڙپڪاري ڪئي وئي، توانائي جي صورتحال بهتر ٿي ته معيشت ۾ نئين جان پئجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ زراعت ۽ صنعت جي شعبن نمايان ترقي ڪئي آهي. هن چيو ته قومي معيشت جي هلندڙ سال واڌويجهه جي شرح 5.8 سيڪڙو رهيو جيڪا گذريل 13 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن گذريل مالي سال دوران سياسي عدم استحڪام پيدا نه ڪيو وڃي ها ته اسان جي اقتصادي واڌويجهه جي شرح 6.1 سيڪڙو کان وڌي وڃي ها، ملڪي معيشت سياسي بحران جي ڪري معاشي قيمت ادا ڪئي آهي. هن چيو ته مختلف مسئلن جي باوجود 5.8 سيڪڙو جي اقتصادي واڌويجهه جي شرح قابل فخر آهي، هي اهي انگ اکر آهن جن کي عالمي بئنڪ سميت ڪيترائي ٻيا عالمي ادارا به تسليم ڪن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن توانائي بحران جي خاتمي لاءِ گهربل عرصي کي وڌايو وڃي ها ته شايد ميڪرو اڪنامڪ انگ اکر وڌيڪ بهتر هجن ها پر اسان کي ساليانو 20 لک روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻا هئا جن جي لاءِ معاشي ترقي ضروري آهي. هن چيو ته حڪومت چئن سالن دوران توانائي جي شعبي تي وڏي سيڙپڪاري ڪئي ۽ مختصر مدي ۾ بجلي جي فراهمي ڪئي جنهن سان اسان جي صنعتي سرگرمين ۾ پڻ اضافو ٿيو جنهن جي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ نتيجي طور روانگي واپار جو دٻاءُ وڌيو. هن چيو ته امن امان ۽ توانائي جي شعبي جي بهتري سان اسان جا بند پيل ڪارخانا هلي پيا آهن، پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي رڪارڊ سيڙپڪاري ٿي آهي ۽ توانائي جي طلب به وڌي آهي، اهي سڀ معيشت جي حوالي سان مثبت انگ اکر آهن. هن چيو ته 5 سالن دوران حڪومت ترقياتي ايجندا تحت سي پيڪ تحت عملدرآمد کي يقيني بڻايو آهي جيڪو خواب کان حقيقت بڻيو ۽ 46 ارب ڊالر سيڙپڪاري جي ان منصوبي سان هيستائين 29 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي، اها سيڙپڪاري توانائي، بنيادي ڍانچي، ريل، روڊ سميت بندرگاهن تي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ايندڙ مالي سال دوران به ترقياتي بجيٽ ۾ سي پيڪ تي ڌيان ڏنو ويندو ۽ توانائي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. 2025ع تائين وڌيڪ 15 هزار ميگاواٽ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ڪئي ويندي. احسن اقبال چيو ته حڪومت ٽيڪنالاجي جي شعبي تي به خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن نوجوانن کي ڊجيٽل پليٽ فارم فراهم ڪري سگهجي جڏهن ته صوبن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي ته جيئن اقتصادي ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ وزيراعظم جو ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر مفتاح اسماعيل پيش ڪندو. هن چيو ته آئين تحت وزيراعظم جي صلاحڪار کي به باقاعده استحقاق حاصل آهي ته هو بجيٽ پيش ڪري سگهي. هن چيو ته موجوده حڪومت 100 ارب رپيا بلاڪ ايلوڪيشن تحت رکيا آهن ته جيئن ايندڙ حڪومت پنهنجي ترجيحن موجب منصوبن جي لاءِ رقم خرچ ڪري سگهي. ان موقعي تي اقتصادي جائزه رپورٽ پيش ڪندي وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر مفتاح اسماعيل چيو ته ناڻي واڌ تي ضابطو آندو ۽ خساري ۾ گهٽتائي آندي وئي آهي، هلندڙ مالي سال دوران 5.79 سيڪڙو جي واڌويجهه جي شرح گذريل 13 سالن ۾ بلند ترين سطح آهي جڏهن ته ناڻي واڌ جي شرح 3.8 سيڪڙو رهي جيڪا مالي سال جي آخر تائين 4.5 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته زرعي شعبي ۾ بهتري جي شرح 3.8 سيڪڙور هي، ناڻي واڌ جي شرح گذريل 13 سالن جي گهٽ ترين سطح تي آهي جيڪا 7.89 ارب سيڪڙو کان گهٽ ٿي 3.8 سيڪڙو تائين آئي آهي. هن چيو ته اوڳاڙيون پيپلزپارٽي جي دور ۾ 1946 ارب رپيا هيون جيڪي هلندڙ مالي سال ۾ 3900 ارب کان وڌيڪ رهنديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رڳو ٽن مهينن جي لاءِ بجيٽ پيش ڪرڻ جي تجويز قابل عمل نه آهي. هن چيو ته بجيٽ ته سڄي سال جي انگن اکرن جو ڪاٿو هوندو آهي ۽ پگهارن ۾ اضافو يا ٽيڪس ۾ گهٽتائي يا ٻين قدمن کي رڳو ٽن مهينن جي لاءِ محدود نه ٿو ڪري سگهجي، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ چونڊيل حڪومت جي ذميواري هوندي آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته مالياتي خساري ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي جيڪا مالي سال 2013ع ۾ جي ڊي پي جي 8.2 سيڪڙو سان 2017ع ۾ 5.8 سيڪڙو گهٽ ٿي، خرچن جي ڀيٽ ۾ اوڳاڙين ۾ نمايان اضافي جي نتيجي ۾ مالياتي خساري ۾ گهٽتائي ٿي آهي. ناڻي واري صلاحڪار چيو ته ڊسمبر 2017ع جي مڪمل ٿيڻ تي ڪل سرڪاري قرض 22820 ارب رپيا هو، مجموعي قرض گذريل سال جي ڊي پي جي 60.2 سيڪڙو هئا جيڪي هلندڙ سال 61.4 سيڪڙو رهيا آهن، 2013ع جي ڀيٽ ۾ ٻاهريان قرض جي ڊي پي جي تناسب سان گهٽ ٿيا آهن. قرضن سان بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا هنيا ويا آهن جيڪي پيداوار ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته جاري خرچ گهٽ ۽ ترقياتي رچ وڌايا آهن، موجوده حڪومت قومي معيشت جي هر رخ سان ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. هن چيو ته ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو سي پيڪ ۽ ٻين منصوبن جي لاءِ مشينري جي درآمد وڌڻ سان ٿيو آهي جيڪو ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافي طرف اشارو ڪري ٿو. هن چيو ته وزيراعظم پاران روانگي واپار جي فروغ لاءِ ڏنل پئڪيج جي نتيجي ۾ ملڪي روانگي واپار ۾ 13 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اسان موجوده حڪومت جي معاشي ڪارڪردگي تي فخر ڪري سگهون ٿا، 5 سال اڳ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ ان جي قيادت پاران عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي هڪ سوال جي جواب ۾ روينيو واري خصوصي معاون ۽ وفاقي وزير هارون اختر خان چيو ته موجوده حڪومت پاران کنيل قدمن جي نتيجي ۾ گوشوارا داخل ڪرائيندڙن جو انگ 14 لک ٿي ويو آهي جيڪو اميد آهي ته هن سال 15 لک کان وڌي ويندو. ان کان اڳ وفاقي وزير احسن اقبال ۽ ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل مالي سال 18 – 2017ع جي اقتصادي جائزي جي دستاويزن جي رونمائي ڪندي باقاعده طور ان کي جاري ڪيو.