قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 25اپریل 2018ء) قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن ڪميٽي جي چيئرمين رانا شميم احمد خان جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ملڪ عبدالغفار ڊوگر، سيد افتخارالحسن، ميان شاهد حسين خان ڀٽي، احسان الرحمان مزاري، نواب محمد يوسف ٽالپر، ڪنور نويد جميل، محمد سلمان خان بلوچ، نعيمه ڪشور خان، شير اڪبر خان، عائشه سيد، زهره ودود فاطمي، گهرو وزير احسن اقبال کانسواءِ گهرو وزارت ۽ ان سان لاڳاپيل کاتن، قانون ۽ انصاف واري وزارت، پاسپورٽ آفيس جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ خودڪش ڌماڪن جي شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. ڪميٽي زهره ودود فاطمي پاران پيش ڪيل اسلام آباد برٿنگ سينٽر ۽ هاسپيٽل ميٽرنٽي سروسز بل 2017ع، عائشه سيد جي ويسٽ پاڪستان ميٽرنٽي بينيفٽ ترميمي بل 2017ع، صاحبزاده محمد يعقوب خان پاران پيش ڪيل نيشنل ڊيٽابيس ۽ رجسٽريشن اٿارٽي ترميمي بل 2017ع، سمن سلطانه جعفري پاران پيش ڪيل نيشنل ڊيٽا بيس ۽ رجسٽريشن اٿارٽي ترميمي بل 2018ع ملتوي ڪري ڇڏيو جڏهن ته محمد افضل خان ڍانڍلا پاران پيش ڪيل دهشتگردي جي خاتمي واري ترميمي بل 2018ع جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويو ته قومي اسيمبلي مان ان بل کي پاس ڪيو وڃي.