مريم اورنگزيب پاران ناليواري اداڪاره مديحه گوهر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مريم اورنگزيب پاران ناليواري اداڪاره مديحه گوهر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 25اپریل 2018ء) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ناليواري ٽي وي آرٽسٽ مديحه گوهر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مديحه گوهر اداڪاري ۽ ڊرامي نويسي جي شعبن ۾ پنهنجي فن ۽ صلاحيتن کي مڃرايو. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مديحه گوهر پنهنجي فن کي معاشري جي بهتري لاءِ سماجي تحريڪ جي شڪل ڏني ۽ آخري ساهه تائين ان مشن تي ڪاربند رهي. هن چيو ته مديحه گوهر سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ٿيٽر کي پنهنجي اظهار جو ذريعو بڻايو، ٿيٽر جي حوالي سان سندس خدمتون وڏي عرصي تائين ياد رکيون وينديون. هن چيو ته مديحه گوهر اعليٰ تعليم يافته عورت هئي جنهن معاشري ۾ مثبت سوچ جي فروغ لاءِ اڻٿڪ ڪم ڪيو. سماجي خدمتن جي حوالي سان سندس نالو سدائين زندهه رهندو. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.