گڏيل مفادن واري ڪائونسل متفقه طور تي پاڪستان جي پهرين پاڻي پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي

گڏيل مفادن واري ڪائونسل متفقه طور تي پاڪستان جي پهرين پاڻي پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 24اپریل 2018ء) گڏيل مفادن واري ڪائونسل متفقه طور تي پاڪستان جي پهرين پاڻي پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته وزيراعظم جي سربراهي ۾ قومي سطح تي اداري قومي واٽر ڪائونسل ذريعي پاليسي تي عملدرآمد ۽ نگراني ڪئي ويندي، وزيراعظم ۽ چئني وڏن وزيرن پاڪستان واٽر چارٽر تي صحيحون پڻ ڪيون. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو 37 هون اجلاس ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، وفاقي وزيرن ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين سرتاج عزيز گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي قومي پاڻي پاليسي مسودي بابت آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته اها پاليسي سمورين وڏين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ تيار ڪئي وئي آهي ۽ هڪ قومي سطح جو مشاورتي سيمينار پڻ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ منعقد ڪيو ويو. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي 36 هين اجلاس ۾ پيش ڪيل تجويزن کي پاليسي ۾ شامل ڪيو ويو. هن پاڻي استعمال ۽ ترجيحن جي تعين، پاڻي وسيلن جي ترقي ۽ استعمال جي لاءِ ٺوس منصوبابندي، طاس جي ماحولياتي هم آهنگي، ماحولياتي تبديلي جي اثرن، پاڻي جي حصي، آبپاشي ۽ برساتن جي پاڻي تي ٻڌل زراعت، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ نيڪاسي، پن بجلي، صنعت، زميني پاڻي، پاڻي حق ۽ ذميواريون، پائيدار آبپاشي ڍانچي، پاڻي بابت مسئلن، ڪوالٽي مئنيجمينٽ، آگاهي ۽ تحقيق، تحفظ جي انتظامن، قانوني فريم ورڪ ۽ پاڻي شعبي جي ادارن جي صلاحي وڌائڻ سميت قومي پاڻي پاليسي جي مقصدن بابت وضاحت ڪئي. گڏيل مفاد واري ڪائونسل کي ٻڌايو ويو ته قومي واٽر ڪائونسل جي نالي سان قومي سطح جي اداري ذريعي قومي پاڻي پاليسي تي عملدرآمد ڪيو ويندو جنهن جي صدارت وزيراعظم ڪندو ۽ پاڻي وسيلن، ناڻي، بجلي، منصوبابندي ۽ ترقي وارا وفاقي وزير ۽ سمورا وڏا وزير ان جا ميمبر هوندا. قومي پاڻي ڪائونسل قومي پاڻي پاليسي تي عملدرآمد جي نگراني ڪندي ۽ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل ادارن جي نمائندن سان گڏجي عملدرآمد جي مانيٽرنگ ڪندي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل پلاننگ ڪميشن آف پاڪستان ۽ پاڻي وسيلن واري وزارت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي لاءِ پهرين قومي پاڻي پاليسي جي متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي. خيبرپختونخواهه جي حڪومت نج هائيڊل منافعي جي ڪاٿي جي لاءِ قاضي ڪميٽي طريقيڪار تي عملدرآمد بابت آگاهه ڪيو. تفصيلي غور فڪر کانپوءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل بين الصوبائي رابطن واري وزارت، پلاننگ ڪميشن آف پاڪستان ۽ پاڻي وسيلن واري وزارت کي صوبن سان مشاورت سان ڪليمز کي هم آهنگ ڪرڻ ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ فيصلي جي لاءِ ان معاملي کي ٻيهر پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. بعد ۾ هڪ سادي تقريب ۾ وزيراعظم چئني وڏن وزيرن سان گڏ پاڪستان واٽر چارٽر تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ قومي پاڻي پاليسي سان وابستگي جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.