قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 24اپریل 2018ء) قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين بابر نواز خان جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سيد عيسيٰ نوري، عاليه ڪامران مرتضيٰ، ڪرن حيدر، منزه حسن، ثريا اصغر، زهره ودود فاطمي، آسيه تنولي، ساجد نواز، ڊاڪٽر شازيه ثوبيه، فرحانه قمر، عامره خان، مسرت رفيق مهيسر، ڪشور زهره کانسواءِ انساني حقن واري وزارت ۽ خيبرپختونخواهه، سنڌ ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومتن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. ڪميٽي وارسڪ ۽ تربيلا ڊيمن جي متاثرين جي حوالي سان ذيلي ڪميٽي جي رپورٽ ذيلي ڪميٽي جي ڪنوينر جي ويجهي مائٽ جي اوچتو لاڏاڻو ڪري وڃڻ سبب سندس درخواست تي ملتوي ڪري ڇڏي. ڪميٽي جي ميمبرن گذارش ڪئي ته متاثرين جي پلاٽن جي الاٽمينٽ ۽ بجلي جي ميٽرن جي حوالي سان مسئلن کي حل ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڪميٽي جي هڪ عورت ميمبر سرڪاري پائيپ لائين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي عدم فراهمي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڪميٽي پيسڪو جي چيف ايگزيڪيوٽو کي چيو ته هو بڊيانه، ڪي ٽي ايس ۽ خانپور جون گرڊ اسٽيشنون هڻڻ جي حوالي سان اڳڀرائي جي رپورٽ ڏي جڏهن ته سراج گلي ۽ صوابي، مهره هري پور جي فيڊرز جي حوالي سان پڻ رپورٽ ڏي. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته اهي ٻئي گرڊ اسٽيشنون منظور ٿي چڪيون آهن، 30 اپريل تي 40 ٿنڀا پڻ جاري ٿي ويندا جڏهن ته ٽن مهينن ۾ ان جو ڪم مڪمل ٿي ويندو.