قومي اسيمبلي جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 21ستمبر 2016ء) قومي اسيمبلي جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پي آءِ اي جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هدايت ڪئي آهي ته پي آءِ اي ٻين عالمي ايئرلائينن سان مقابلو يقيني بڻائي. ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن ڪراچي ۾ چيئرمين رانا محمد حيات خان جي صدارت ۾ ٿيو. ڪميٽي پي آءِ اي کي هدايت ڪئي ته هو عالمي روٽس تي ڀاڙا گهٽ ڪري ته جيئن ان روٽ تي ٻين ايئرلائينن جي مسافرن کي پي آءِ اي تي سفر جي لاءِ راغب ڪري سگهجي. ڪميٽي کي پي آءِ اي کي منافعو ڏيندڙ بڻائڻ ۽ بحالي جي قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ سيد جاويد علي شاهه، سردار محمد عرفان ڊوگر، پروين مسعود ڀٽي، شهناز سليم ملڪ، سيما محي الدين جميلي، فرحانه قمر، مريم اورنگزيب، مهرين رزاق ڀٽو، روشن الدين جوڻيجو، نفيسا عنايت الله خان خٽڪ، مولوي آغا محمد ۽ پي آءِ اي ۽ سي اي اي جي ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس اڄ خميس تائين ملتوي ڪيو ويو.