اعزاز چوڌري جي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري سان ملاقات

اعزاز چوڌري جي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري سان ملاقات

گڏيل قومون (پاکستان نیوز پوائنٹ 21ستمبر 2016ء) پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري جنرل هيلگاشمد سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال ۽ ان بابت پاڪستان جي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات ۾ پرڏيهي سيڪريٽري کيس بيگناهه ڪشميرين جي خلاف ڀارت پاران ڪيل انساني حقن جي خلاف ورزين بابت ٻڌايو جن جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 8 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. هتي جاري هڪ بيان موجب يورپي يونين پاڪستان جي خدشن کي نوٽ ڪيو ۽ پاڪ ڀارت لاڳاپن جي موجوده صورتحال بابت معلومات ورتي، ملاقات ۾ افغانستان بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هيلگاشمد افغانستان ۾ امن جي ڪوششن جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. هن پرڏيهي سيڪريٽري کي آڪٽوبر ۾ برسلز ۾ ٿيندڙ افغانستان بابت وزارتي ڪانفرنس بابت پڻ آگاهه ڪيو.