فلمي صنعت جي بحالي جي لاءِ پهرين فلم ۽ ڪلچر پاليسي کي فنانس بل 2018ع ۾ شامل ڪيو ويندو، فلم ۽ ڪلچر پاليسي تي مڪمل عملدرآمد ڪري خطي ۾ سئنيما تي ڀارت جي هڪ هٺيءَ کي ختم ڪري سگهجي ٿو: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

فلمي صنعت جي بحالي جي لاءِ پهرين فلم ۽ ڪلچر پاليسي کي فنانس بل 2018ع ۾ شامل ڪيو ويندو، فلم ۽ ڪلچر پاليسي تي مڪمل عملدرآمد ڪري خطي ۾ سئنيما تي ڀارت جي هڪ هٺيءَ کي ختم ڪري سگهجي ٿو: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 19اپریل 2018ء) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فلمي صنعت جي بحالي جي لاءِ پهرين فلم ۽ ڪلچر پاليسي کي فنانس بل 2018ع ۾ شامل ڪيو ويندو، فلم ۽ ڪلچر پاليسي تي مڪمل عملدرآمد ڪري خطي ۾ سئنيما تي ڀارت جي هڪ هٺيءَ کي ختم ڪري سگهجي ٿو، فلمي صنعت جي مڪمل بحالي ۽ ترقي جي لاءِ فلم ٺاهڻ جي لاءِ اوزارن جي برآمد تي 10 سالن جي لاءِ سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ، فلم فنانس فنڊ تحت عالمي معيار رکندڙ فلمون، سئنيما گهر ٺاهڻ ۽ اسٽوڊيوز قائم ڪرڻ جي لاءِ 5 ڪروڙ تائين جا قرض جاري ڪرڻ، فلم اڪيڊمي قائم ڪرڻ، فلم ڊائريڪٽوريٽ جي نئين سر تنظيم سازي، آرٽس اسسٽينس فنڊ، سئنيما هائوسز ۾ 350 جي ٽڪيٽ رکندڙ سئنيما گهرن کي انڪم ٽيڪس جي ڇوٽ سميت ٻيون مراعتون ڏنيون ويون آهن، گذريل 30، 35 سالن دوران ٿيندڙ دهشتگردي فلم جي شعبي کي پڻ متاثر ڪيو، اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي ويزن تحت صوبائي حڪومتن جي تعاون، هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عوام جي لازوال قربانين جي ڪري اڄ پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال تمام بهتر آهي، راندين جا ميدان آباد، فلم، ميوزڪ جي بحالي طرف گامزن آهي، ڀارتي اسڪرين تي پاڪستاني فلمون ۽ ڊراما نه ڏيکاريا وڃن ته پاڪستان ۾ ڀارتي مواد ڏيکارڻ تي پابندي هجڻ گهرجي ان ڏس ۾ ميڊيا کي غيرملڪي مواد ڏيکارڻ جي حوالي سان مخصوص ڪوٽا کي نظر ۾ رکڻ گهرجي، فلم ٺاهيندڙن کي پاڪستان جي دلڪش ۽ خوبصورت جاين تائين پهچ فراهم ڪئي ويندي، غيرملڪي پاڪستان ۾ 70 سيڪڙو فلمون ٺاهڻ ۽ 30 سيڪڙو پنهنجي ملڪ ۾ ٺاهڻ جي صورت ۾ سمورين مراعتن ۽ ٽيڪسن جي ڇوٽ مان فائدو حاصل ڪري سگهندا. هو ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي پهرين فلم ۽ ڪلچر پاليسي بابت بريفنگ ڏئي رهي هئي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين محمد اسلم بودلا ڪئي جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري سردار احمد نواز سکيرا سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا آفيسر ۽ ڪميٽي جا ميمبر موجود هئا. اطلاعات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ڪميٽي کي ٻڌايو ته گذريل 7 کان 8 مهينن دوران اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت انتهائي محنت سان پهرين فلم ۽ ڪلچر پاليسي تيار ڪئي آهي جنهن تي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ٽيم جا ٿورا مڃون ٿا. 1960ع ۾ پاڪستان جي فلم انڊسٽري جو ڳاڻيٽو دنيا جي وڏي ۽ نمايان فلم انڊسٽري ۾ ٿيندو هو ان دور ۾ دنيا ۾ پاڪستان جو تاثر به بهتر هو، قومي ثقافت، ورثي سان عوام جو تعلق به گهرو هو ۽ پوءِ 90 – 1980ع ۾ پاڪستاني فلم صنعت هيٺ وڃڻ شروع ٿي جنهن ۾ ساليانو 2 کان 3 فلمون ۽ 2007ع ۾ رڳو هڪ فلم ٺهي. هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته دهشتگردي سبب فلمي صنعت بري طرح متاثر ٿي آهي، پاڪستان جا سئنيما گهر پلازائن ۽ ڪمرشل سرگرمين ۾ تبديل ٿي ويا ۽ پاڪستان جي راندين جا ميدان به ويران ٿي ويا. دهشتگردي سبب 35 سال پاڪستان سياحت جي منظرنامي کان به ٻاهر رهيو ٻيا ملڪ پاڪستان کي رڳو دهشتگردي جي دوربيني سان ڏسي رهيا هئا. هن چيو ته هاڻي اسان کي تاثر جي جنگ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي، پاڪستان ۾ جيڪو به غيرملڪي وفد يا شخصيت اچي ٿي ته هو اهو چوڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا ته اسان پاڪستان بابت جيڪو ٻڌو هو اهو بلڪل به ائين نه آهي، پاڪستان هڪ پرامن ۽ محفوظ ملڪ آهي، اڳ ۾ ڪو پاڪستان ٽرانسفر ٿي اچڻ نه چاهيندو هو پر هاڻي جيڪو پاڪستان ٽرانسفر ٿي اچي ٿو اهو پنهنجي مدي ۾ واڌ ۽ خاندان کي پاڪستان گهرائي وٺي ٿو ۽ خوشگوار زندگي گذاري رهيو آهي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ايران، قطر، سعودي عرب ۽ ترڪي براڊڪاسٽنگ ۽ سئنيما کي سياحت وڌائڻ جي لاءِ استعمال ڪيو، سعودي عرب جي حڪومت پنهنجي ثقافت واري وزارت کي 2 هزار سئنيما گهر ٺاهڻ جو هدف ڏنو آهي پر گذريل 30، 35 سالن دوران اهو ذريعو (ميڊيم) پاڪستان ۾ ان مقصد جي لاءِ استعمال نه ٿي سگهيو. هن چيو ته لنڊن ۾ 19 سالن کانپوءِ ”مين پنجاب نهين جائون گي“ پاڪستاني فلم ڀارتي فلم جي ڀيٽ ۾ رڪارڊ بزنس ڪيو آهي، اسان جون پنجابي فلمون تمام مشهور ٿيون آهن. هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته پهريون ڀيرو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ثقافتي ايگزيڪيوٽو پروگرام جو معاهدو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني فلمون چين جي سئنيما گهرن ۾ ڏيکاريون وينديون، شنگهائي ۽ بيجنگ فلم فيسٽيول ۾ پاڪستان جي فلمن جي نمائش ٿيندي، فلم ۽ ڪلچر جي شعبي ۾ چين سان وڌيڪ جوائنٽ وينچر پڻ ٿي رهيو آهي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اطلاعات واري وزارت ۾ فلم ڊائريڪٽوريٽ قائم آهي ان جي نئين سر تنظيم سازي جي تجويز ڏني وئي آهي. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ ثقافت جو شعبو به صوبن ڏانهن منتقل ٿي چڪو آهي، صوبن کي هڪ رستو ملي ويو آهي، صوبا وفاق جي پهرين فلم ۽ ڪلچر پاليسي کي اختيار ڪري سگهن ٿا. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين محمد اسلم بودلا ۽ ڪميٽي جي ميمبرن 2013ع کان 2018ع تائين اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ذيلي ادارن جي ڀرپور معاونت تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي عملدارن جا ٿورا مڃيا.