پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبو ايندڙ نسلن جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبو ايندڙ نسلن جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 19اپریل 2018ء) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبو (سي پيڪ) ايندڙ نسلن جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو، سي پيڪ سان پوري خطي جي معيشت مضبوط ٿيندي، پاڪستان ۽ چين دنيا جي وچ تي موجود آهن اهو ئي سبب آهي جو پوري دنيا جي نظر سي پيڪ تي آهي، ون روڊ ون بيلٽ ۾ ثقافت کي خصوصي اهميت ڏني وئي آهي، موجوده حڪومت چين سان ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا کي فروغ ڏنو آهي. هو ڪالهه خميس ڏينهن پي اين سي اي ۾ چيني ثقافتي مرڪز جي ٽئين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. چين جو سفير يائو جنگ، چيني سفارتخاني جا عملدار، پي اين سي اي جو ڊائريڪٽر جنرل پڻ موجود هئا. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پاڪ چين دوستي کي مختلف دورن ۾ مختلف نالا ڏنا ويا، سي پيڪ سان دوستي هڪ نئين دور ۾ شامل ٿي. هن چيو ته ثقافتي مرڪز ۾ ڪلچرل سرگرمين سان گڏوگڏ شاگردن کي چيني زبان سکڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. هن چيو ته ڪلچرل سينٽر جي حوالي سان چيني سفير جي ڪوششن تي ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جي پهرين فلم پاليسي کي بجيٽ 2018ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي ڇو ته پاڪستان دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ هو جيڪو اسڪرين سياحت تي نه هو، عالمي سطح تي پاڪستان جو اصل چهرو پيش ڪرڻ جي لاءِ فلم، قومي ورثي، ثقافت ۽ زبان جو تمام اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) جمال شاهه جي قيادت ۾ ملڪ ۾ ثقافتي سرگرمين جي فروغ ۽ پاڪستان چين جي وچ ۾ ثقافتي سفارتڪاري جي لاءِ بهتر ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته چين جو ثقافتي مرڪز قائم ڪرڻ کي ٽي سال مڪمل ٿي چڪا آهن، هي مرڪز رڳو هڪ ثقافتي مرڪز نه آهي پر ثقافتي سرگرمين، پرفارمنگ آرٽس، هڪ ٻئي جي ثقافت کي سمجهڻ جي لاءِ تمام گهڻا موقعا آهن ۽ شاگردن کي چيني زبان سيکاري پئي وڃي. هن چيو ته جيستائين عوام سان عوام تائين رابطا ۽ ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا نه ٿيندي، ان وقت تائين هڪ ٻئي جي ثقافت کي سمجهڻ ناممڪن ٿي وڃي ٿو. هن چيو ته چين جو صدر شي جن پنگ جڏهن پاڪستان جي دوري تي آيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف سان گڏجي پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي (سي پيڪ) جو افتتاح ڪيو ان منصوبي جو فائدو ايندڙ نسلن ۽ خطي کي ٿيندو. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چين جي سفير يائو جنگ جو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا، فلم جي مٽاسٽا ۽ ثقافتي سرگرمين جي حوالي سان ڪردار کي ساراهيندي چيو ته جڏهن به چيني سفير سان ثقافت جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي ته ان جو مثبت جواب ملندو آهي.