چونڊ قانونن جي شق 22 ۾ موجود جهول ختم ڪرڻ جي لاءِ قانونسازي ضروري آهي: سيد خورشيد شاهه

چونڊ قانونن جي شق 22 ۾ موجود جهول ختم ڪرڻ جي لاءِ قانونسازي ضروري آهي: سيد خورشيد شاهه

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 19اپریل 2018ء) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته چونڊ قانونن جي شق 22 ۾ موجود جهول ختم ڪرڻ جي لاءِ قانونسازي ضروري آهي. ڪالهه خميس ڏينهن جاري هڪ بيان ۾ سيد خورشيد شاهه چيو ته تڪ بندين جو حتمي نوٽيفڪيشن 4 مئي تي جاري ڪرڻ جو چيو ويو آهي جڏهن ته چونڊن قانونن جو سيڪشن 22 واضح آهي ته تڪ بندين کانپوءِ 120 ڏينهن گهرجن، ٻئي طرف اسيمبلي جو مدو مڪمل ٿيڻ جي 60 ڏينهن اندر چونڊون ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن اسيمبلي پهرين جون تي پنهنجو مدو پورو ڪري ٿي ته پهرين آگسٽ تائين چونڊون ٿيڻيون آهن، موجوده حالتن ۾ سيڪشن 22 جي موجودگي ۾ وقت سر چونڊون ممڪن نه ٿينديون. هن چيو ته چونڊ قانونن جي سيڪشن 22 کي ڏٺو وڃي ته 4 سيپٽمبر کان اڳ چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن. اليڪشن ڪميشن چونڊ قانونن جي سيڪشن 22 ۽ ٻين شقن ۾ ٽڪراءُ جو فوري جائزو وٺي ۽ اليڪشن ڪميشن سيڪشن 22 کي سيڪشن 14 سان گڏائي پڙهيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن اها قانونسازي نه ڪئي وئي ته چونڊن جي حيثيت چئلينج ٿي ويندي، اسان سڀ چاهيون ٿا ته چونڊون وقت سر ٿين جنهن جي لاءِ قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ قانونسازي ڪرڻي پوندي.