سينيٽ جي واپار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي واپار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 20ستمبر 2016ء) سينيٽ جي واپار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سيد شبلي فراز جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي نئين سر تنظيم سازي جي بل 2016ع تي وڌيڪ غور ۽ بحث 27 سيپٽمبر جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو. اجلاس ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا، ڪريم احمد خواجه، روبينه خالد، حاجي شيف الله خان بنگش، راحيلا مگسي، مفتي عبدالستار، نسيمه احسان کانسواءِ سواپار واري وفاقي وزير خرم دستگير خان، اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي سي اي او غفران منور، ناڻي واري وزارت، واپار واري وزارت، ايس اي سي پي جي اعليٰ عهديدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير خرم دستگير خان خاطري ڪرائي ته اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي موجوده دور ۾ نجڪاري نه ٿيندي ۽ نه ئي ان جي ملڪيت ۽ انتظاميا نجي هٿن ۾ڏني پئي وڃي. ملازم پاليسي هولڊرز کي تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي. ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪابينا جي منظوري کانسواءِ قانونسازي آمراڻو عمل آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لازمي آهي ۽ ان روايت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قانونسازي پڻ ٿيڻ گهرجي. اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن کي پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. خدشو آهي ته ان عمل سان اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن غيرمنافعو ڏيندڙ بڻجي ويندي. اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي يونين صدر چيو ته ڪابينا کان غيرمنظور ٿيل بل سپريم ڪورٽ جي حڪم جي خلاف ورزي آهي. ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سيد شبلي فراز چيو ته اثاثن جي ڪل ماليت، ڪل موجود فنڊز، ملازمن ۽ رٽائرڊ ملازمن، پاليسي هولڊرز جي حقن جو تحفظ اهم معاملا آهن بل جي شقوار بحث ذريعي منظوري ڏيڻ چاهيون ٿا. اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن سڀ کان وڌيڪ منافعو ڏئي رهي آهي ان جي ڪمزورين، خرچن جي باوجود اها ڪارپوريشن ماڊل آهي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته اهڙو سيفٽي مڪينزم هجڻ گهرجي جو ايندڙ حڪومت به نجڪاري نه ڪري سگهي.