تازي ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم سان مني لانڊرنگ جي روڪٿام ۾ مدد ملندي: صدر ممنون حسين

تازي ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم سان مني لانڊرنگ جي روڪٿام ۾ مدد ملندي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 16اپریل 2018ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته تازي ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم سان مني لانڊرنگ جي روڪٿام ۾ مدد ملندي ۽ ملڪ جي بهترين مفاد ۾ پرڏيهي اثاثن کي پڻ واپس آڻي سگهبو. ڪالهه سومر ڏينهن ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اميگريشن اينڊ پاسپورٽس جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ اهڙي قسم جون ايمنسٽي اسڪيمون ڪامياب رهيون آهن. هن ان تاثر کي رد ڪري ڇڏيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين پاران گڏ ڪيل سموري دولت غيرقانوني ذريعن سان حاصل ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اڪثر اثاثا پاڪستانين جي محنت جو نتيجو آهن ۽ سڀني کي هدف بڻائڻ صحيح نه آهي. رياستي ادارن ۾ ٽڪراءُ بابت سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته هر اداري کي پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهڙي صورتحال کان بچي سگهجي جيڪا ملڪ جي لاءِ نقصانڪار هجي. جڏهن کانئس سوال ڪيو ويو ته ڇا هو صورتحال جي شدت کي گهٽ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيندو ته صدر چيو ته آئون سمجهان ٿو ته قومي مفاد ۾ پنهنجي طور معاملا صحيح ڪرڻ جي لاءِ سڀ ڪافي ميچوئر آهن. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه تي عملدرآمد ٿيڻ سان ملڪ خوشحالي طرف وڌي رهيو آهي ۽ ان سفر کي خوش اسلوبي سان اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سڀني کي پنهنجون گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن. ايندڙ عام چونڊن بابت صدر چيو ته کيس يقين آهي ته چونڊون وقت تي ٿينديون. ان کان اڳ صدر ممنون حسين پنهنجي پاسپورٽ جي تجديد جي لاءِ ٽوڪن ڪائونٽر تي ويو ۽ ان حوالي سان ضابطي جون سموريون ڪارروايون پوريون ڪيون. هن پاسپورٽ جاري ڪرڻ ۽ تجديد جي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.