آئون ولايت مان ناهيان جو امپورٽ ٿي آيو آهيان، بدين منهنجي لاءِ نئون ناهي، هي منهنجي شاگردي جي دور کان گهر آهي، پيپلزپارٽي کي مضبوط بڻائي مخالفن جو مقابلو ڪندس، ڪوبه غلط فهمي ۾ نه رهي، ورڪرن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، قيادت ڪم مان مان خوش هجي ها ته مونکي ڇو ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪري ها: گل محمد جکراڻي

آئون ولايت مان ناهيان جو امپورٽ ٿي آيو آهيان، بدين منهنجي لاءِ نئون ناهي، هي منهنجي شاگردي جي دور کان گهر آهي، پيپلزپارٽي کي مضبوط بڻائي مخالفن جو مقابلو ڪندس، ڪوبه غلط فهمي ۾ نه رهي، ورڪرن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، قيادت ڪم مان مان خوش هجي ها ته مونکي ڇو ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪري ها: گل محمد جکراڻي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 14اپریل 2018ء) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ بدين جي ڪوآرڊينيٽر گل محمد جکراڻي چيو آهي آئون ولايت مان ناهيان جو امپورٽ ٿي آيو آهيان، بدين منهنجي لاءِ نئون ناهي، هي منهنجي شاگردي جي دور کان گهر آهي، آئون شاگردي جي دور کان هتي اچان پيو، پيپلزپارٽي کي مضبوط بڻائي مخالفن جو مقابلو ڪندس، ڪوبه غلط فهمي ۾ نه رهي، پراڻي سنگت سان رابطي ۾ آهيان، ورڪرن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، ورڪرن جي اهميت اسان کان وڌيڪ ڪو نٿو سمجهي،ورڪر واڻ کي هاڻي ننڌڻڪو نه سمجهن، جن ورڪرن لاءِ ڪجهه نه ڪيو انهن کي منهنجي اچڻ کانپوءِ ورڪر ياد آيا آهن، ان صورتحال جا اصل ۾ ذميدار اهي اڳواڻ آهن، قيادت انهن مان خوش هجي ها ته مونکي ڇو ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪري ها، پاڻي جو مسئلو ڳنڀير آهي پر عملدارن سان ڳالهايو آهي، پاڻي جلد اچي ويندو. اي پي پي سان ڳالهائيندي گل محمد جکراڻي چيو ته منهنجي هتي اچڻ ۽ ذميداري ملڻ سان گهڻن کي تڪليف ٿي آهي پر مون کي ڪنهنجو فڪر ناهي، هن چيو ته اهو چيو پيو وڃي ته آئون بدين ۾ نئون آيو آهيان ته انهن کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته بدين سان منهنجو ايترو پراڻو واسطو آهي جو گهڻا ته اڃا سياست ۾ به نه آيا هوندا، منهنجو ته بدين سان شاگردي واري دور کان واسطو آهي آئون ولايت مان ناهيان جو هتي امپورٽ ٿي آيو آهيان، هن چيو ته آئون مقابلو ڪرڻ آيو آهيان ۽ اهو دل تي ڪندس ڪير به ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهي، هن چيو ته اڳواڻ صحيح ڪم ڪن ها ته قيادت مونکي هتي ڪوآرڊينيٽر مقرر نه ڪري ها، هن چيو ته آئون سڀني کي گڏ کڻي هلندس ۽ پنهنجي پراڻي سنگت سان به رابطي ۾ آهيان ۽ انهن کي به پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏيندس پر جي ڪير اسان سان گڏ نٿو اچي ته اها ان جي مرضي آهي ڇو ته پيپلزپارٽي جمهوري پارٽي آهي ڪنهن سان زور زبردستي نٿي ڪري سگهجي، گل محمد جکرڻي چيو ته ضلع ۾ پارٽي کي وري نئين سر منظم ڪندس، هن چيو ته پارٽي جي ورڪر اجلاس ۾ شڪايتون ٿينديون آهن پر ڪجهه اهڙن دوستن به قيادت جي باري ۾ شڪايتون ڪيون جيڪي اصل ۾ پاڻ ان سڄي صورتحال جا ذميدار آهن ۽ جي قيادت ڪم نٿي ڪيا ته ان کان اڳ اهي ائين خاموش ڇو هئا ۽ منهنجي اچڻ کانپوءِ انهن کي اها ڳالهه ياد اچي وئي ته قيادت ڪم نٿي ڪري، گل محمد جکراڻي چيو ته بدين ۾ پاڻي جو وڏي کوٽ آهي ان لاءِ مون اچڻ سان آبپاشي عملدارن سان ڳالهايو آهي ۽ 18 اپريل تائين پاڻي اچي ويندو، هن چيو ته اها ڳالهه به حقيقت آهي ته هن وقت پاڻي جي وڏي کوٽ آهي پر اسان حڪمت عملي ٺاهينداسين گل محمد جکراڻي چيو ته بدين ۾ ورڪرن جا مسئلا آهن جيڪي حل ڪندس باقي جن کي هاڻي ورڪرن جو فڪر جاڳيو آهي اصل ۾ اهي ئي ته آهن جن جي ڪري ورڪر مايوس ٿيا آهن انهن کي پهرين اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي آئي ته ورڪرن جا مسئلا حل نه پيا ٿين ۽ هاڻي جڏهن آئون آيو آهيان ته سڀني کي ورڪر ياد اچي ويا آهن ۽ انهن جون محروميون سندن اکين آڏو اچي ويون آهن هن چيو ته ورڪرن جي اهميت اسان کان وڌيڪ ڪو نٿو ڄاڻي ۽ ورڪرن جا مسئلا هاڻي ترجيحي بنيادن تي حل ٿيندا ۽ ورڪر هاڻي پاڻ کي ننڌڻڪو نه سمجهندا.