ترقي ۽ خوشحالي مختلف قومن، نسلي گروپن، جامع ثقافتي پس منظر ۽ عقيدن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ گڏيل امن جي گهرجائو آهي: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

ترقي ۽ خوشحالي مختلف قومن، نسلي گروپن، جامع ثقافتي پس منظر ۽ عقيدن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ گڏيل امن جي گهرجائو آهي: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

ڊن هوانگ (گانسو) (پاکستان نیوز پوائنٹ 20ستمبر 2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ترقي ۽ خوشحالي مختلف قومن، نسلي گروپن، جامع ثقافتي پس منظر ۽ عقيدن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ گڏيل امن جي گهرج ڪري ٿي تنهن ڪري قومن کي ثقافتي مٽاسٽا جي ذريعي اقتصادي ترقي جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ ثقافتي رابطن جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي سلڪ روڊ انٽرنيشنل ڪلچرل ايڪسپو جي افتتاحي ويهڪ کي خطاب ڪندي چئي. سينيٽر پرويز رشيد چيو ته پاڪستان ايشيائي، يورپي ۽ آفريقي کنڊن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندو. ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا، اتر آفريقا ۽ نار رياستن جي وچ ۾ رابطن سان اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا جنهن سان شاهراهه ريشم سان امن، استحڪام ۽ خوشحالي ايندي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پهرين عالمي سلڪ روڊ ڪلچرل ايڪسپو جي ميزباني جي قدمن تي عوامي جمهوريه چين کي ساراهيندي چيو ته اها نمائش اهڙي موقعي تي منعقد ڪئي وئي آهي جڏهن امن، هم آهنگي ۽ خوشحالي جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته نمائش ۾ 85 ملڪن جا نمائندا گڏ ٿي شاهراهه ريشم جي قومن جي وچ ۾ حصيداري ۽ اقتصادي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي حوصلا افزائي تي ڌيان ڏيڻ جو پيغام ڏنو آهي. پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ مضبوط حصيدار بڻجڻ تي چيني حڪومت جا ٿورا مڃيندي هن چيو ته اهو لنگهه مواصلاتي، اقتصادي ۽ ثقافتي منظرنامو تبديل ڪري ڇڏيندو ۽ ٻنهي ملڪن جي لاءِ هڪ جيتري ترقي ۽ خوشحالي ايندي. ڊن هوانگ ۾ نمائش جي اختتام تي هڪ پڌرنامو پڻ جاري ڪيو ويو جنهن ۾ ميمبر ملڪن سلڪ روڊ (ڊن هوانگ) انٽرنيشنل ڪلچرل ايڪسپو جي ثقافتي مشن کي عملي جامعو پارائڻ ۽ عالمي امن ۽ ترقي کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير تقريب جي ميزباني ۽ پاڪستاني وفد جي شاندار مهمان نوازي تي عوامي جمهوريه چين جا ٿورا مڃيا.