دنيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تعليم جي شعبي ۾ پاڻڀرائپ پيدا ڪرڻي پوندي: صدر ممنون حسين

دنيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تعليم جي شعبي ۾ پاڻڀرائپ پيدا ڪرڻي پوندي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 20ستمبر 2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته علم ڪنهن جي ميراث نه آهي اسان کي دنيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تعليم جي شعبي ۾ پاڻڀرائپ پيدا ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجي تعليمي معيار کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو. پاڪستاني سائنسدان عالمي سائنسي ادارن سان گڏجي علم جي شعبي ۾ اهڙي منصوبابندي ڪن جيڪا اسان جي ايندڙ نسل جي لاءِ فائديمند هجي ۽ شاگرد ان مان لاڀ پرائي انسانيت جي ڀلائي جي لاءِ بهترين خدمتون سرانجام ڏئي سگهن. صدر اها ڳالهه ڪالهه اڱاري ڏينهن اسپارڪو ۽ اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيندڙ ٻي عالمي خلائي ڪانفرنس (آءِ سي ايس – 2016ع) جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل مظهر جميل، اسپارڪو جي چيئرمين قيصر انيس خرم ۽ ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪن مان ايندڙ سائنسدانن ۽ عورتن ۽ مردن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر خلائي ساز و سامان بابت منعقد ٿيندڙ نمائش جو افتتاح پڻ ڪيو ۽ ان ۾ رکيل سامان ۾ گهري دلچسپي ورتي. صدر چيو ته علمي تحقيق ۽ ترقي ڪنهن جي ميراث نه آهي پر ڪجهه موقعن تي ڪجهه خاص خطن يا قومن کي نشانو بڻائي انهن جي لاءِ علمي تحقيق ۽ ترقي جي ثمرن کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي. صدر چيو ته گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران خلائي علم جي شعبي ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي آهي، پاڪستاني سائنسدانن ۽ انجنيئرن پنهنجي محدود وسيلن ۽ مشڪلاتن جي باوجود ان ۾ قدر جوڳو حصو ورتو آهي جنهن جي نتيجي ۾ سائنسي، سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ بي مثال ترقي ٿي. صدر چيو ته اسپارڪو پاڪستان ۾ سائنس جي شعبي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي پر ان کي دنيا ۾ سائنس جي شعبي ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن جو ساٿ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جو پهريون مواصلاتي سيارو پاڪ سيٽ ون آر انهي محنت جو ثمر آهي جنهن سان ڀرپور طريقي سان فائدو کنيو پيو وڃي. هن چيو ته ويجهي مستقبل ۾ جڏهن ريموٽ سينسنگ سيٽلائٽ لانچ ڪيو ويندو ته اهو پهرين سياري وانگر ڪامياب ۽ فائديمند ثابت ٿيندو. هن چيو ته سائنس جي شعبي ۾ اڳڀرائي سان مواصلات، زراعت، بنيادي ڍانچي جي ترقي، ماحوليات جي مانيٽرنگ، خطرن بابت اڳواٽ اطلاع واري نظام ۽ تعليم جي شعبن ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهبي. صدر چيو ته هي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان پاڪستاني سائنسدانن کي پنهنجي دلچسپي جي موضوعن تي غور فڪر جو بهترين موقعو ملندو ۽ هُو مهمان سائنسدانن جي بصيرت ۽ تجربن مان فائدو کڻي سگهندا. صدر چيو ته هي ڪانفرنس پاڪستان جي خلائي ۽ بالا خلائي موضوعن تي تحقيق ۽ ترقي جي ڏس ۾ فائديمند ثابت ٿيندي ۽ ملڪ ۾ علمي ۽ تحقيقي ثقافت جي فروغ جو ذريعو بڻجندي. صدر ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته هن صدي جي عظيم منصوبي يعني پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي منصوبابندي ۽ نگراني جي ڏس ۾ پڻ خلائي علم کان مدد ورتي پئي وڃي. صدر چيو ته خلائي تحقيق بابت پاڪستاني سائنسي ادارن کي پنهنجي تعليمي ۽ تحقيقي ادارن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن سائنسي شعبو وڌيڪ ترقي ڪري ۽ نوجوان سائنسدان ملڪ ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن. هن چيو ته موجوده ۽ ايندڙ دور سائنس جو دور آهي. صدر چيو ته ترقي يافته ملڪن سان گڏ اڳيان وڌڻ جي لاءِ پاڪستان کي سائنس جي شعبي ۾ تيزي سان ترقي ڪرڻي پوندي ته جيئن هو دنيا ۾ پنهنجو مقام بڻائي سگهن. صدر ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستاني ۽ ٻاهرئين ملڪن مان ايندڙ نمائندن جا ٿورا مڃيا ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان آئنده به اهڙي قسم جي عالمي خلائي ڪانفرنس منعقد ڪرائيندو رهندو ته جيئن عالمي خلائي تعاون جون راهون هموار ٿين.