ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن: صدر ممنون حسين

ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 19ستمبر 2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ گذريل ڪجهه مهينن دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا آهن ۽ ڪيترين ئي عورتن جي بي حرمي ڪئي وئي آهي پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ڀارت جي انهن ظلمن جو نوٽيس وٺي مظلوم ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ آواز بلند ڪري جڏهن ته اٽلي جي دفاع واري وزير سين روبرٽا پينوتي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزي ۽ منع ٿيل هٿياربن جي استعمال جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اٽلي جي حڪومت ان مسئلي کي عالمي برادري آڏو ڀرپور طريقي سان کڻندي. صدر اٽلي جي دفاع واري وزير سين روبرٽا پينوتي جي سربراهي ۾ وفد سان ايوان صدر ۾ ڪالهه سومر ڏينهن ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته عالمي برادري ڀارت تي زور ڏي ته هو بيگناهه ڪشميرين تي تشدد جون ڪارروايون فوري طور تي بند ڪري ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي. صدر پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج انساني حقن جي کليل خلاف ورزي ۽ بيگناهه ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي. ڀارت ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪا انساني حقن جي کليل خلاف ورزي آهي. صدر ٻڌايو ته ڀارتي فوج جي ظلم سان هيستائين 100 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن ۽ پيلٽ گن جو نشانو بڻجڻ سبب 700 کان وڌيڪ ماڻهن جون اکيون متاثر ٿيون آهن جن مان عورتن ۽ ٻارن سميت 160 ماڻهو اکين کان محروم ٿي چڪا آهن. صدر ٻڌايوته خودمختياري جي حق لاءِ ڪشميرين جي پرامن تحريڪ دوران 1989ع کان وٺي هيستائين هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن ۽ 10 هزار کان وڌيڪ عورتن کي ڀارتي فورسز زيادتي جو نشانو بڻايو آهي. صدر چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر ۽ او آءِ سي جي مبصرن کي والاريل ڪشمير ۾ وڃي صورتحال جو جائزو وٺڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. صدر وڌيڪ ٻڌايوته ڀارت ڪشمير ۾ پنهنجي ظلمن جي خلاف آواز بلند ڪرڻ تي ڀارت ۾ ڪم ڪندڙ ايمنسٽي انٽرنيشنل جون سموريون آفيسون بند ڪري ڇڏيون آهن. صدر ممنون حسين ٻڌايو ته وزيراعظم محمد نواز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب دوران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي کي پرزور طريقي سان کڻندو ۽ عالمي برادري کي ڪشمير مسئلي، ڪشميرين جي امنگن موجب حل ڪرڻ تي زور ڏيندو. صدر چيو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي سميت سمورن حل طلب مسئلن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. صدر چيو ته گذريل 68 سالن کان آزادي جي جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ اهو مسئلو حل ڪرڻ کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن قائم نه ٿو ٿي سگهي. صدر چيو ته پاڪستان هن وقت سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي جو شڪار آهي ۽ قومي حڪمت عملي ۽ آپريشن ضرب عضب ذريعي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. صدر چيو ته پرامن افغانستان پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. صدر چيو ته پاڪستان اٽلي سان دفاع، اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان اٽلي سان علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو رهندو آهي جنهن ۾ خاص طور تي دهشتگردي جي خاتمي ۽ سلامتي ڪائونسل جا سڌارا ذڪر جوڳا آهن. صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته مفاهمتي ياداشت پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ دفاعي تعاون جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. اٽلي جي دفاعي واري وزير چيو ته پرامن مظاهرين جي خلاف تشدد جي اجازت ڪنهن کي نه ٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ پرامن مظاهرين جي خلاف منع ٿيل پيلٽ گن جو استعمال برداشت جوڳو نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته اٽلي عالمي برادري کي ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور تعاون ڪندو. اٽلي جي دفاع واري وزير دهشتگردي جي حوالي سان پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن افغانستان ۾ امن ۽ افغان پناهگيرن جي ميزباني جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. ان موقعي تي اسلام آباد ۾ اٽلي جو سفير ۽ سندس وفد ۾ شامل ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.